اسٽاڪ هوم- 18 جنوري (اي پي پي) گرين لينڊ جي معاملي آمريڪا ۽ ان جي يورپي اتحادين وچ ۾ واپاري تڪرار پيدا ڪري ڇڏيو آهي ۽ يورپ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران مختلف يورپي ملڪن تي ٽيرف لڳائڻ تي جوابي قدمن جي وارننگ ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا ڪيترن ئي يورپي ملڪن تي ٽيرف ڊيوٽي لڳائيندو. هن ان ڳالهه تي زور …
گرين لينڊ سبب واپاري تڪرار، يورپ پاران آمريڪا کي جوابي قدمن جي وارننگ

مزید خبریں
اسٽاڪ هوم- 18 جنوري (اي پي پي) گرين لينڊ جي معاملي آمريڪا ۽ ان جي يورپي اتحادين وچ ۾ واپاري تڪرار پيدا ڪري ڇڏيو آهي ۽ يورپ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران مختلف يورپي ملڪن تي ٽيرف لڳائڻ تي جوابي قدمن جي وارننگ ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا ڪيترن ئي يورپي ملڪن تي ٽيرف ڊيوٽي لڳائيندو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اهي قدم گرين لينڊ جي خريداري جو معاهدو طئي ٿيڻ تائين جاري رهندا، ان خريداري جو سبب هن آمريڪي ۽ عالمي قومي سلامتي کي درپيش خطرا ٻڌايا. ٻئي پاسي دويڊن جي وزيراعظم آمريڪي صدر جي بيانن تي تبصرو ڪندي چيو ته سندس ملڪ دٻاءُ ۾ نه ايندو. هن چيو ته اسٽاڪ هوم ڪنهن به قسم جي معاشي يا سياسي دٻاءُ کي رد ڪري ڇڏيو آهي. جرمن حڪومت به اهو اعلان ڪيو ته هو ٽرمپ طرفان اعلانيل ڊيوٽي جي اثرن تي ڳالهه ٻولهه لاءِ يورپي شراڪتدارن سان مسلسل رابطي ۾ آهي. جرمن حڪومت زور ڀريو ته هو گڏيل يورپي هم آهنگي جي فريم ورڪ تحت انهن قدمن جي جواب جو مناسب فيصلو ڪندي. ان ئي تناظر ۾ فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون آمريڪي صدر جي ڌمڪين جي جواب ۾ چيو ته ڪو به ڊپ يا ڌمڪي اسانکي متاثر نه ٿي ڪري سگهي، نه يوڪرين ۾، نه گرين لينڊ ۾ ۽ نه ئي دنيا جي ڪنهن ٻئي حصي ۾. هن ٽيرف لڳائڻ جي ڌمڪين کي صبول نه جوڳو قرار ڏيندي چيو ته جيڪڏهن انهن جي تصديق ڪئي وئي ته يورپي ملڪ متحد ٿي مربوط طريقي سان جواب ڏيندا. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته يورپ پنهنجي خودمختياري جو احترام ڪرائڻ ڄاڻي ٿو ۽ ان سلسلي ۾ هو يورپي شراڪتدارن سان ڳالهه ٻولهه ڪندو.











