ڪئناڊا ۾ فني خرابي سبب 3 لک کان وڌيڪ فورڊ گاڏيون واپس گهرائڻ جو اعلان

اوٽاوا- 18 جنوري (اي پي پي) ڪئناڊا جي ٽرانسپورٽ اٿارٽي ”ٽرانسپورٽ ڪئناڊا“ باهه لڳڻ جي خدشي سبب فورڊ ڪمپني جون 3 لک کان وڌيڪ گاڏيون واپس گهرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ٽرانسپورٽ ڪئناڊا طرفان جاري نوٽيسز ۾ ٻڌايو ويو آهي ته فورڊ جي مختلف ماڊلز ۾ انجڻ بلاڪ هيٽر سان ڪولنٽ ليڪ ٿيڻ جو امڪان موجود آهي. رپورٽ مطابق جيڪڏهن ايئن ٿيو ته بلاڪ هيٽر شارٽ سرڪٽ …

اوٽاوا- 18 جنوري (اي پي پي) ڪئناڊا جي ٽرانسپورٽ اٿارٽي ”ٽرانسپورٽ ڪئناڊا“ باهه لڳڻ جي خدشي سبب فورڊ ڪمپني جون 3 لک کان وڌيڪ گاڏيون واپس گهرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ٽرانسپورٽ ڪئناڊا طرفان جاري نوٽيسز ۾ ٻڌايو ويو آهي ته فورڊ جي مختلف ماڊلز ۾ انجڻ بلاڪ هيٽر سان ڪولنٽ ليڪ ٿيڻ جو امڪان موجود آهي. رپورٽ مطابق جيڪڏهن ايئن ٿيو ته بلاڪ هيٽر شارٽ سرڪٽ جو سبب بڻجي سگهي ٿو جنهن سبب باهه لڳڻ جو خطرو پيدا ٿي سگهي ٿو. فورڊ ڪمپني متاثر گاڏين جي مالڪن کي ٽپال ذريعي آگاهه ڪندي ۽ کين هدايت ڏني ويندي ته اهي پنهنجون گاڏيون ويجهي ڊيلر شپ تي کڻي وڃي بلاڪ هيٽر تبديل ڪرائن. ان دوران، فورڊ گاڏين جي مالڪن کي صلاح ڏني وئي آهي ته مرمت مڪمل ٿيڻ تائين انجڻ بلاڪ هيٽر استعمال نه ڪن.

مزید خبریں