بغداد - 18 جنوري (اي پي پي) عراق ۾ ڪيترن ئي سالن کان قائم آمريڪي فوجي اڏي عين الاسد ايئر بيس مان آمريڪي فوجين جي واپسي کان پوءِ عراقي فوج ايئر بيس جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب عراق جي دفاع اوري وزارت پنهنجي بيان ۾ ان ڳالهه جي تصديق ڪندي چيو آهي، ته عراق جي فوج فوجي اڏي جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي. اهو آمريڪي فوجي اڏو …
عراق آمريڪي فوجين جي واپسي کان عين الاسد ايئر بيس جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو

مزید خبریں
بغداد – 18 جنوري (اي پي پي) عراق ۾ ڪيترن ئي سالن کان قائم آمريڪي فوجي اڏي عين الاسد ايئر بيس مان آمريڪي فوجين جي واپسي کان پوءِ عراقي فوج ايئر بيس جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب عراق جي دفاع اوري وزارت پنهنجي بيان ۾ ان ڳالهه جي تصديق ڪندي چيو آهي، ته عراق جي فوج فوجي اڏي جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي. اهو آمريڪي فوجي اڏو عراق جي اولهندي حصي ۾ قائم آهي پر 2024ع ۾ آمريڪا ۽عراق وچ ۾ هڪ معاهدو طئي ٿيو جنهن تحت آمريڪا تسليم ڪيو ته ان جي قيادت هيٺ اتحادي فوج عراق جو اهو فوجي اڏو واپس ڪري هلي ويندي. پرڏيهي ميڊيا ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ته ان اڏي تي اٽڪل 2700 آمريڪي ۽ اتحادي فوجي موجود هئا، پر گذريل ڪجهه سالن ۾ اهو انگ وڌڻ جا اطلاع به سامهون آيا هئا.











