شام ۾ آمريڪي فوجي ڪارروائي دوران القاعده جو اڳواڻ مارجي ويو

واشنگٽن - 18 جنوري (اي پي پي) شام ۾ آمريڪي فوجي ڪارروائي ۾ القاعده جو اڳواڻ مارجي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي مرڪزي ڪمان (سينٽ ڪام) پنهنجي جاري بيان ۾ چيو آهي، ته فوجي جٿن القاعده سان تعلق رکندڙ هڪ اڳواڻ کي ماري ڇڏيو آهي، جيڪو شام ۾ آمريڪين تي داعش جي حملن ۾ ملوث هو. سينٽ ڪام چيو آهي، ته بلال حسن الجاسم جا داعش جي هڪ هٿياربند …

واشنگٽن – 18 جنوري (اي پي پي) شام ۾ آمريڪي فوجي ڪارروائي ۾ القاعده جو اڳواڻ مارجي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي مرڪزي ڪمان (سينٽ ڪام) پنهنجي جاري بيان ۾ چيو آهي، ته فوجي جٿن القاعده سان تعلق رکندڙ هڪ اڳواڻ کي ماري ڇڏيو آهي، جيڪو شام ۾ آمريڪين تي داعش جي حملن ۾ ملوث هو. سينٽ ڪام چيو آهي، ته بلال حسن الجاسم جا داعش جي هڪ هٿياربند شخص سان سڌي ريت رابطا هئا، جنهن 13 ڊسمبر تي شام جي شهر تدمر ۾ حملو ڪري امريڪي ۽ شامي اهلڪارن کي ماريو ۽ زخمي ڪيو هو. آمريڪي سينٽ ڪام جي سربراهه ايڊرمل بريڊ ڪوپر هڪ بيان ۾ چيو آهي، ته 3 آمريڪين جي مارڻ واري واقعي ۾ ملوث دهشتگرد جي موت ان ڳالهه جو اظهار آهي ته هو پنهنجي فوج تي حملو ڪندڙ دهشتگردن جو پيڇو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. واضح رهي ته 13 ڊسمبر 2025ع تي حملو ٿيڻ کان پوءِ آمريڪي فوج شام ۾ حملا ڪري رهي آهي ۽ آمريڪي فوج چيو آهي، ته هن داعش جي 100 کان وڌيڪ هدفن کي نشانو بڻايو آهي. آمريڪي دفاع واري وزير پيٽ هيگسٿ ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ چيو آهي، ته اسان ڪڏهن به نه وسارينداسين ۽ حملن جي شدت ڪڏهن به نه گهٽائينداسين.

مزید خبریں