اسلام آباد - 17 جنوري (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس ملڪ جي مختلف شهرن ۾ منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي 4 ڪارروائين ۾ 77 لک روپين کان وڌيڪ ماليت جي 79.18 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪري 4 جوابدار گرفتار ڪري ورتو آهي. گذريل ڏينهن اي اين ايف جي ترجمان پاران جاري بيان مووجب ڪارروائين دوران اسلام آباد ايئرپورٽ تي سعودي عرب ويندڙ مسافر جي پيٽ مان 180 گرام وزني …
اي اين ايف جو منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون، 77 لک روپيا ماليت جي 79.18 ڪلوگرام منشيات هٿ، 4 جوابدار گرفتار

مزید خبریں
اسلام آباد – 17 جنوري (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس ملڪ جي مختلف شهرن ۾ منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي 4 ڪارروائين ۾ 77 لک روپين کان وڌيڪ ماليت جي 79.18 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪري 4 جوابدار گرفتار ڪري ورتو آهي. گذريل ڏينهن اي اين ايف جي ترجمان پاران جاري بيان مووجب ڪارروائين دوران اسلام آباد ايئرپورٽ تي سعودي عرب ويندڙ مسافر جي پيٽ مان 180 گرام وزني ڪوڪين سان ڀريل 8 ڪيپسول هٿ ڪيا. گڏاپ ٽائون ڪراچي ويجهو گاڏي مان 72 ڪلوگرام چرس هٿ ڪري 2 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. ناردرن باءِ پاس ڪراچي ويجهو گاڏي مان 6 ڪلوگرام چرس هٿ ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو. جڏهن ته رنگ روڊ پشاور تي واقع ڪوريئر آفيس ۾ ڪرڪيٽ بيٽ ۾ لڪايل هڪ ڪلوگرام چرس هٿ ڪيو ويو. گرفتار سمورن چئني جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.











