سرگوڌا-17 جنوري (اي پي پي)شديد ڌنڌ ۽ تيز رفتاري سبب ڪوٽ مومن ٿاڻي جي علائقي غلام پور ويجهو گاڏي سڪل واهه ۾ ڪرڻ سبب عورتن ۽ ٻارن سميت 14 ماڻهو فوت ۽ 9 شديد زخمي ٿي پيا. ريسڪيو ذريعن گاڏي جنهن ۾ 23 جي لڳ ڀڳ مسافر سوار هئا. گاڏي اسلام آباد کان فيصل آباد هڪ جنازي ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهي هئي. موٽر وي کي شديد ڌنڌ سبب ٽريفڪ …
سرگوڌا ويجهو گاڏي واهه ۾ ڪرڻ سبب 14 ماڻهو فوت، 9 زخمي

مزید خبریں
سرگوڌا-17 جنوري (اي پي پي)شديد ڌنڌ ۽ تيز رفتاري سبب ڪوٽ مومن ٿاڻي جي علائقي غلام پور ويجهو گاڏي سڪل واهه ۾ ڪرڻ سبب عورتن ۽ ٻارن سميت 14 ماڻهو فوت ۽ 9 شديد زخمي ٿي پيا. ريسڪيو ذريعن گاڏي جنهن ۾ 23 جي لڳ ڀڳ مسافر سوار هئا. گاڏي اسلام آباد کان فيصل آباد هڪ جنازي ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهي هئي. موٽر وي کي شديد ڌنڌ سبب ٽريفڪ لاءِ بند ڪرڻ بعد ڊرائيور کي مبينه طور تي مقامي رستو اختيار ڪرڻو پيو، پوليس عملدارن جو چوڻ آهي ته نگاهه جي حد گهٽجڻ سبب ڊرائيور گاڏي تي ڪنٽرول وڃائي ويٺو جنهن سبب گاڏي پل تان غلام پور واهه ۾ وڃي ڪري پئي. پوليس عملدارن واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي.











