گهرو معاملن واري وفاقي وزير ۽ بلوچستان جي وڏي وزير پاران فرنٽيئر ڪور بلوچستان (نارٿ) جي هيڊ ڪوارٽر جو دؤرو، صوبي ۾ امن لاءِ ڪيل ڪوششن جي واکاڻ

ڪوئيٽه-16 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ۽ بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي فرنٽيئر ڪور بلوچستان (نارٿ) جي هيڊ ڪوارٽر جو دؤرو ڪيو، ان موقعي ايف سي بلوچستان نارٿ جي چست جٿي وفاقي وزير ۽ وزيراعليٰ کي سلامي پيش ڪئي. آءِ جي فرنٽيئر ڪور بلوچستان نارٿ ميجر جنرل محمد عاطف مجتبيٰ، وفاقي وزير محسن نقوي ۽ وزيراعليٰ بلوچستان مير سرفراز بگٽي جو سينيئر …

ڪوئيٽه-16 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ۽ بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي فرنٽيئر ڪور بلوچستان (نارٿ) جي هيڊ ڪوارٽر جو دؤرو ڪيو، ان موقعي ايف سي بلوچستان نارٿ جي چست جٿي وفاقي وزير ۽ وزيراعليٰ کي سلامي پيش ڪئي. آءِ جي فرنٽيئر ڪور بلوچستان نارٿ ميجر جنرل محمد عاطف مجتبيٰ، وفاقي وزير محسن نقوي ۽ وزيراعليٰ بلوچستان مير سرفراز بگٽي جو سينيئر آفيسرن سان تعارف ڪرايو. وفاقي وزير ۽ بلوچستان جي وڏي وزير شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري ۽ گلن جي چادر چاڙهي فاتحه خواني ڪئي. هنن ايف سي بلوچستان نارٿ جي شهيدن جي درجن جي بلنديءَ لاءِ دُعا ڪئي ۽ سندن لازوال قربانين کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. ان موقعي تي آءِ جي ايف سي بلوچستان نارٿ فورس جي تربيت آپريشنل تياري ۽ پيشيوراڻي صلاحيتن جي حوالي سان بريفنگ ڏني. محسن نقوي ۽ مير سرفراز بگٽي صوبي ۾ امن جي قيام لاءِ فرنٽيئر ڪور بلوچستان نارٿ جي شاندار ڪردار کي ساراهيو. محسن نقوي چيو ته دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ ايف سي بلوچستان نارٿ جون قربانيون هميشه ياد رکيو وينديون ۽ امن جي قيام لاءِ سندن خدمتون تاريخ جو روشن باب آهن. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته فرنٽيئر ڪور بلوچستان نارٿ جي آفيسرن ۽ جوانن جون فتنه الهندستان جي خاتمي لاءِ ڏنل قربانيون هميشه ياد رکيو وينديون. ان موقعي تي بلوچستان جو چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي بلوچستان به موجود هئا.

مزید خبریں