ٽيڪس وصولي جي حوالي سان وفاق جي ڪارڪردگي صوبن کان بهتر آهي، جون 2028ع تائين اها جي ڊي پي جي شرح سان ٽيڪسن جي شرح 15 سيڪڙو تائين پهچي ويندي: وفاقي ناڻي بابت صلاحڪار خرم شهزاد

اسلام آباد-16 جنوري (اي پي پي)ناڻي واري وفاقي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته ٽيڪس وصولي جي حوالي سان وفاق جي ڪارڪردگي صوبن کان بهتر آهي، وسيلن جي ورڇ ۽ مالياتي وفاقيت تي بحث تاثر يا دعوائن بدران ماپيل نتيجن ۽ ڪارڪردگي جي بنياد تي ٿيڻ گهرجي، وفاقي ٽيڪس وصوليون سراسري وڌي رهيون آهن ۽ اندازو آهي ته جون 2028ع تائين اها جي ڊي پي جي 15 سيڪڙو تائين پهچي …

اسلام آباد-16 جنوري (اي پي پي)ناڻي واري وفاقي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته ٽيڪس وصولي جي حوالي سان وفاق جي ڪارڪردگي صوبن کان بهتر آهي، وسيلن جي ورڇ ۽ مالياتي وفاقيت تي بحث تاثر يا دعوائن بدران ماپيل نتيجن ۽ ڪارڪردگي جي بنياد تي ٿيڻ گهرجي، وفاقي ٽيڪس وصوليون سراسري وڌي رهيون آهن ۽ اندازو آهي ته جون 2028ع تائين اها جي ڊي پي جي 15 سيڪڙو تائين پهچي ويندي. گذريل ڏينهن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ملڪ ۾ تازن ڏينهن ۾ اها دعويٰ سامهون اچي رهي آهي ته ٽيڪس وصولي جي حوالي سان صوبائي حڪومتن جي ڪارڪردگي وفاقي حڪومت کان بهتر آهي ۽ انهي بنياد تي اهو موقف اختيار ڪيو پي وڃي ته وسيلن جي ورڇ تي وڌيڪ بحث جي ضرورت ناهي، جڏهن ته دستياب سرڪاري انگ اکر ۽ معاشي حقيقتون ان دعوائن جي ترديد ڪريون ٿا ۽ هڪ بلڪل مختلف تصوير پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته مالي 2025ع جي دوران وفاقي حڪومت 13 ٽريلين روپين کان وڌيڪ ٽيڪس ۽ ٻيون اوڳاڙيون جمع ڪيون جيڪي پاڪستان جي مجموعي قومي پيداوار 114.7 ٽريلين روپين جي ڀيٽ ۾ 11.3سيڪڙو بڻجي ٿي، عالمي معيار موجب پاڪستان جهڙي اسرندڙ ملڪن ۾ جي ڊي پي جي شرح سان ٽيڪسن جي مناسب شرح اٽڪل 18 سيڪڙو سمجهي وڃي ٿي جنهن مان 15 سيڪڙو جي ڊي پي جي برابر اوڳاڙيون وفاقي سطح تي جڏهن ته باقي 3 سيڪڙو صوبائي يا رياستي حڪومتن کان حاصل ڪيون وينديون آهن. هن چيو ته تازن رجحانن موجب وفاقي ٽيڪس وصوليون آهستي آهستي وڌي رهيون آهن ۽ اندازو آهي ته جون 2028ع تائين اها جي ڊي پي جي 15 سيڪڙو تائين پهچي ويندي جيڪا عالمي معيار جي ويجهو آهي، ان جي ڀيٽ ۾ پاڪستان جي سمورن صوبن مالي سال 2025ع ۾ مجموعي طور تي صرف 979 ارب رپيا ٽيڪس گڏ ڪيو جيڪو مجموعي قومي پيداوار جو رڳو 0.85 سيڪڙو بڻجي ٿو جڏهن ته متوقع معيار موجب صوبن کي گهٽ ۾ گهٽ 3 سيڪڙو جي ڊي پي جي برابر ٽيڪس وصول ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن صوبائي حڪومتون جون 2028ع تائين ان هدف کي حاصل ڪرڻ چاهين ٿيون ته کين پنهنجي موجوده ٽيڪس وصولين کي ٽيڻ کان به وڌيڪ وڌائڻو پوندو.هن چيو ته ماهرن موجب بنيادي مسئلو ٽيڪس جي بنياد ۾ گهٽتائي ناهي پر ان بيس مان حاصل ٿيل اصل آمدني يعني روينيو جو منافعو آهي، مسئلو اهو ناهي ته صوبن وٽ ٽيڪس لڳائڻ جا ذريعا موجود ناهن پر اهو آهي ته موجوده ٽيڪس وارن قابل شعبن کان اثرائتي انداز ۾ ٽيڪس وصول نه پيو ڪيو وڃي. هن چيو ته صوبائي حڪومتن وٽ آئيني طور تي ٽيڪس جي حوالي سان اختيار موجود آهن، جڏهن ته ان باوجود انهن جون ٽيڪس وصوليون ملڪي معيشت جي ڳاڻيٽي ۽ صلاحيت جي ڀيٽ ۾ انتهائي گهٽ آهن. خرم شهزاد چيو ته خدمتن جي شعبي جو اندازن قابل ٽيڪس ڳاڻيٽو 29 کرب روپيا آهي پر ان جي باوجود صوبائي حڪومتون خدمتن تي سيلز ٽيڪس جي مد ۾ صرف 650 ارب روپيا وصول ڪري سگهيون جيڪو رڳو 2.2 سيڪڙو بڻجي ٿو. ان جي ابتڙ شين جي شعبي جو اندازن قابل ٽيڪس ڳاڻيٽو 30 کرب روپيا آهي ۽ وفاقي حڪومت ان شعبي مان 3.9 کرب روپيا ٽيڪس حاصل ڪيو جيڪو اٽڪل 13 سيڪڙو جي برابر آهي. ٻنهي شعبن جي اٽڪل هڪجهڙي معاشي ڳاڻيٽي باوجود وصولي ۾ اهو فرق صوبائي ڪارڪردگي تي سواليه نشان آهي. هن چيو ته زرعي آمدني تي ٽيڪس آئيني طور تي صوبن جو اختيار آهي، ان شعبي جو اندازن قابل ٽيڪس ڳاڻيٽو 3.7 کرب روپيا پر صوبائي حڪومتون ان مان صرف 8.4 ارب روپيا وصول ڪري سگهيون، اهڙي طرح زرعي آمدني تي ٽيڪس وصولي جي شرح 0.2 سيڪڙو بڻجي ٿي جيڪا نهايت گهٽ آهي. جائيداد ۽ ريئل اسٽيٽ جي شعبي جو اندازن اثاثن جو ڳاڻيٽو 21.7 کرب روپيا آهي، ان جي باوجود صوبائي حڪومتون اسٽامپ ڊيوٽي ۽ شهري غير منقوله پراپرٽي ٽيڪس جي مد ۾ مجموعي طور تي صرف 66 ارب روپيا وصول ڪيا جيڪي اٽڪل 0.3 سيڪڙو  بڻجي ٿو. هن چيو ته علائقائي ملڪن سان ڀيٽ ڪئي وڃي ته ملائيشيا ۽ فلپائن ۾ جائيداد تي ٽيڪس وصولي جي ڊي پي جي 0.5 سيڪڙو جي برابر آهي، نيپال ۾ اها شرح 0.4 سيڪڙو، انڊونيشيا ۾ 0.3 سيڪڙو، ڀارت ۾ 0.2 سيڪڙو جڏهن ته پاڪستان ۾ اها شرح صرف 0.08 سيڪڙو آهي جيڪا خطي ۾ سڀ کان گهٽ آهي. ناڻي واري صلاحڪار چيو ته انگن اکرن موجب وفاقي حڪومت جون ٽيڪس وصوليون پهرين ئي جي ڊي پي جي 11.3 سيڪڙو تائين پهچي چڪيون آهن ۽ عالمي معيار طرف وڌي رهيون آهن. ان جي ابتڙ صوبائي حڪومتن جي مجموعي ٽيڪس وصوليون جي ڊي پي صرف 0.85 سيڪڙو تي موجود آهن جيڪي متوقع 3 سيڪڙو کان ڪيترائي ڀيرا گهٽ آهن. هن چيو ته خدمتون، زراعت ۽ جائيداد جهڙا وڏا معاشي شعبا صوبائي دائره اختيار ۾ هجڻ جي باوجود ٽيڪس وصولي جي صلاحيت جو وڏو حصو اڃان تائين استعمال نه ٿي سگهيو. اهو فرق صرف ڳاڻيٽي جو نه پر وصولي جي ڪارڪردگي به آهي. مثال طور وفاقي سطح تي انڪم ٽيڪس جي وصولي قابل ٽيڪس آمدني جي 17 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي جڏهن ته زرعي آمدني تي صوبائي ٽيڪس جي وصولي صرف 0.2 سيڪڙو آهي، خرم شهزاد چيو ته ماهرن موجب ثبوت واضح آهن ته صوبائي سطح تي ٽيڪس وصولي جي صلاحيت وڏي حد تائين غير استعمال ٿيل آهي، پاڪستان ۾ مالياتي بهتري لاءِ ضروري آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون متوازن سڌارن واري ايجنڊا تحت پنهنجي پنهنجي سطح تي موثر قدم کڻن. هن چيو ته وسيلن جي ورڇ ۽ مالياتي وفاقيت تي بحث تاثر يا دعوائن بدران ماپيل نتيجن ۽ ڪارڪردگي جي بنياد تي ٿيڻ گهرجي. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون هڪ ٻئي جون مخالف نه پر حصيدار آهن ۽ صوبائي ٽيڪس خال کي پورو ڪرڻ، وفاقي سڌارن سان گڏجي، بهتر عوامي خدمتن، گهٽ مالي دٻاءُ ۽ هڪ وڌيڪ منصفاڻي وفاق جي قيام لاءِ اڻٽر آهي.

مزید خبریں