اسلام آباد-16 جنوري (اي پي پي) سينيٽ ٽرانسفر آف ريلويز (ترميمي) بل 2025ع ڪجهه ترميمن سان منظور ڪري ورتو. سينيٽ اجلاس ۾ ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي ٽرانسفر آف ريلويز آرڊر 1962ع ۾ وڌيڪ ترميم لاءِ بل ايوان ۾ پيش ڪيو جنهن کي لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ موجب منظور ڪيو ويو. فاروق ايڇ نائيڪ بل ۾ ڪجهه ترميمون تجويز ڪيون جنهن کي ايوان منظور ڪري ورتو. بل …
سينيٽ ٽرانسفر آف ريلويز (ترميمي) بل 2025ع منظور ڪري ورتو

مزید خبریں
اسلام آباد-16 جنوري (اي پي پي) سينيٽ ٽرانسفر آف ريلويز (ترميمي) بل 2025ع ڪجهه ترميمن سان منظور ڪري ورتو. سينيٽ اجلاس ۾ ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي ٽرانسفر آف ريلويز آرڊر 1962ع ۾ وڌيڪ ترميم لاءِ بل ايوان ۾ پيش ڪيو جنهن کي لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ موجب منظور ڪيو ويو. فاروق ايڇ نائيڪ بل ۾ ڪجهه ترميمون تجويز ڪيون جنهن کي ايوان منظور ڪري ورتو. بل جي مقصدن موجب ٽرانسفر آف ريلويز آرڊر 1962ع (صدارتي آرڊر نمبر 33 براءِ 1962) ۾ ٽرانسفر آف ريلويز (ترميمي) آرڊيننس 2025ع (ايڪس آف 2025ع) ذريعي ڪجهه ترميمون تجويزن ڪيون هيون جنهن کي هاڻي باقاعده قانون جي شڪل ڏيڻ لاءِ بل طور پيش ڪيو ويو آهي. ترميم جو مقصد ريلوي جي شعبي ۾ ٽريڪ ايڪسس لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ آهي جيڪو علائقائي رابطن کي هٿي ڏيڻ ذريعي ملڪي معاشي ترقي لاءِ نهايت ضروري قرار ڏنو ويو آهي. وفاقي حڪومت تي مالي بار گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪجهه اختيار ريلوي بورڊ ڏانهن منتقل ڪيا ويا آهن جن ۾ نئين ريلوي لائن جي تعمير يا ڪنهن موجوده لائين کي ختم ڪرڻ جو اختيار به شامل آهي. اهي ترميمون سپريم ڪورٽ جي مصطفيٰ امپيڪس ڪيس (PLD 2016 SC 80) جي روشني ۾ ڪيون ويون آهن. سينيٽ جي ميمبرن بل کي ريلوي جي نظام ۾ سڌارن ۽ معاشي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ لاءِ اهم قرار ڏنو.











