اوگرا پاران جنوري 2026ع لاءِ ري گيسيفائيڊ ليڪوئڊ نيچرل گيس جي قيمتن جو تعين

اسلام آباد-16 جنوري (اي پي پي) آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) وفاقي حڪومت جي پاليسي گائيڊ لائنز موجب سوئي ڪمپنين جي جنوري 2026ع لاءِ ري گيسيفائيڊ ليڪوئڊ نيچرل گيس (آر ايل اين جي) جي قيمتن جو تعين ڪري گهٽتائي ڪئي آهي جيڪي پهرين جنوريءَ کان لاڳو ٿيندا. اوگرا پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب سوئي ناردرن گيس پائيپ لائين لميٽيڊ (ايس اين جي پي ايل) جي صارفين لاءِ قيمتن ۾ گذريل …

اسلام آباد-16 جنوري (اي پي پي) آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) وفاقي حڪومت جي پاليسي گائيڊ لائنز موجب سوئي ڪمپنين جي جنوري 2026ع لاءِ ري گيسيفائيڊ ليڪوئڊ نيچرل گيس (آر ايل اين جي) جي قيمتن جو تعين ڪري گهٽتائي ڪئي آهي جيڪي پهرين جنوريءَ کان لاڳو ٿيندا. اوگرا پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب سوئي ناردرن گيس پائيپ لائين لميٽيڊ (ايس اين جي پي ايل) جي صارفين لاءِ قيمتن ۾ گذريل مهيني ڊسمبر 2025ع جي ڀيٽ ۾ آر ايل اين جي جي قيمت ۾ 4.68 سيڪڙو يا 0.5537 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو جي گهٽتائي ٿي آهي جڏهن ته سوئي سدرن گيس ڪمپني لميٽيڊ (ايس ايس جي سي ايل) صارفين لاءِ قيمتن ۾ گذريل مهيني ڊسمبر 2025ع جي ڀيٽ ۾ 0.5668 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو يا 5.26 سيڪڙو جي گهٽتائي ڪئي وئي آهي. اوگرا ترجمان پاران جاري بيان موجب آر ايل اين جي جي قيمتن ۾ گهٽتائي عالمي مارڪيٽ ۾ درآمدي قيمتن (ڊليوري ايڪس شپ) جي قيمتن ۾ گهٽتائيءَ سبب ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن موجب ايس اين جي پي ايل صارفين لاءِ آر ايل اين جي جي سراسري وڪري جي قيمت 11.2743 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو ۽ ايس ايس جي سي ايل صارفين لاءِ 10.2099 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪئي آهي.

مزید خبریں