ڪراچي-16 جنوري (اي پي پي)سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري گورنر ھائوس ۾ ڪراچي پريس ڪلب جي نون چونڊيل عھديدارن جي مان ۾ مانجھاندو ڏنو.گورنر ھائوس مان جاري پريس رليز موجب ان موقعي تي گورنر سنڌ نئين چونڊيل باڊي کي خطاب ڪندي چيو تھ ڪراچي پريس ڪلب ھڪ جمھوريت پسند ادارو آھي، جنھن ھميشھ اظھار جي آزادي ۽ جمھوري قدرن کي ھٿي وٺائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو آھي. گورنر …
سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري پاران گورنر ھائوس ۾ ڪراچي پريس ڪلب جي نون چونڊيل عھديدارن جي مان ۾ مانجھاندو
ڪراچي-16 جنوري (اي پي پي)سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري گورنر ھائوس ۾ ڪراچي پريس ڪلب جي نون چونڊيل عھديدارن جي مان ۾ مانجھاندو ڏنو.گورنر ھائوس مان جاري پريس رليز موجب ان موقعي تي گورنر سنڌ نئين چونڊيل باڊي کي خطاب ڪندي چيو تھ ڪراچي پريس ڪلب ھڪ جمھوريت پسند ادارو آھي، جنھن ھميشھ اظھار جي آزادي ۽ جمھوري قدرن کي ھٿي وٺائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو آھي. گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري چيو تھ چونڊ عمل وقت سر مڪمل ٿيڻ ۽ گذريل 18 سالن کان ڪارڪردگي جي بنياد تي ڪامياب ٿيندڙ پينل کي ھو ذاتي طور تي واڌايون پيش ڪري ٿو. ھن چيو تھ ميڊيا ھميشھ مونکي، گورنر ھائوس ۽ اسان جي فلاحي ۽ تعليمي قدمن کي ڀرپور سپورٽ فراھم ڪئي، جنھن تي آئون صحافي برادري جو ٿورائتو آھيان. گورنر سنڌ ڪراچي پريس ڪلب جي ميمبرن کي آءِ ٽي ڪلاسز ڪرائڻ ۽ ٻين مسئلن جي لاءِ مڪمل سھڪار جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي ڪراچي پريس ڪلب جي صدر فاضل جميلي چيو تھ ڪراچي پريس ڪلب کي ليز جي مسئلي جو منھن ڏسڻو پيو پوي، جنھن جي حل لاءِ گورنر سنڌ جي سھڪار گھربل آھي. سيڪريٽري ڪراچي پريس ڪلب اسلم خان گورنر ھائوس گهرائڻ تي ٿورا مڃيندي چيو تھ گورنر سنڌ جا فلاحي ۽ تعليمي قدم قابل تحسين آھن. نئين چونڊيل باڊي پاران اھا تجويز بھ پيش ڪئي وئي تھ پريس ڪلب جي ميمبرن ۽ سندن ٻارن کي گورنر ھائوس جي آءِ ٽي انيشيئيٽوز تحت جاري ڪورسز ۾ خاص ڪوٽا ڏني وڃي ،جنھن جي گورنر سنڌ ھاڪاري انداز ۾ آجيان ڪئي.











