شعب معراج جو برڪتن وارو موقعو پوري مسلمان امت جي لاءِ روحاني بلنديءَ، ڪامل ايمان ۽ الله تعاليٰ سان ويجهڙائپ جي عظيم علامت آهي: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد- 16 جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته شعب معراج جو برڪتن وارو موقعو پوري مسلمان امت جي لاءِ روحاني بلنديءَ، ڪامل ايمان ۽ الله تعاليٰ سان ويجهڙائپ جي عظيم علامت آهي، ان مقدس رات الله تعاليٰ پنهنجي محبوب نبي حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ کي اهو عظيم الشان اعزاز عطا فرمايو جيڪو انساني فهم کان مٿي آهي ۽ جيڪو اهل ايمان جي لاءِ هدايت …

اسلام آباد- 16 جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته شعب معراج جو برڪتن وارو موقعو پوري مسلمان امت جي لاءِ روحاني بلنديءَ، ڪامل ايمان ۽ الله تعاليٰ سان ويجهڙائپ جي عظيم علامت آهي، ان مقدس رات الله تعاليٰ پنهنجي محبوب نبي حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ کي اهو عظيم الشان اعزاز عطا فرمايو جيڪو انساني فهم کان مٿي آهي ۽ جيڪو اهل ايمان جي لاءِ هدايت جو سرچشمو بڻيل رهندو. صدر آصف علي زرداري اهڙن خيالن جو اظهار شب معراج جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته معراج واقعو اسان کي اهو سبق ڏي ٿو ته پختي ايمان، صبر ۽ اطاعت جي ذريعي انسان بلند ترين اخلاقي ۽ روحاني درجن تائين پهچي سگهي ٿو، هي اسان کي اهو به ياد ڏياري ٿو ته آزمائشون ۽ مشڪلاتون عارضي هونديون آهن جڏهن ته الله تعاليٰ جي رحمت ۽ نصرت سدائين قائم رهندي آهي. صدر چيو ته شب معراج تي مسلمان امت کي نماز جو تحفو عطا ڪيو ويو جيڪا خالق ۽ انسان جي وچ ۾ سڌوسنئون ۽ مسلسل تعلق قائم ڪري ٿي، نماز رڳو عبادت نه آهي پر اهو نظم ۽ ضبط، ڪردارسازي ۽ گڏيل ذميواري جي احساس جو ذريعو آهي جيڪا هڪ منصفاڻي ۽ متوازن معاشري جو بنياد فراهم ڪري ٿي. صدر آصف علي زرداري چيو ته ان موقعي تي آئون قوم کي اپيل ڪريان ٿو ته اها شب معراج جي پيغام کي پنهنجي روزاني جي زندگي جو حصو بڻائي ته جيئن اسان برداشت، قانون جي بالادستي، سماجي انصاف ۽ انسانيت جي لاءِ همدرديءَ کي فروغ ڏئي سگهون. صدر چيو ته اسان مان هر هڪ کي هڪ اهڙي رياست جي تعمير ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو جتي امن، صبر ۽ اخلاقي قدر اسان جي قومي سڃاڻپ هجن. هن چيو ته هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن دنيا خاص طور تي مسلمان امت کي پيچيده فڪري، سماجي ۽ انساني چئلينجز درپيش آهن شب معراج اتحاد، استقامت ۽ اميد جو پيغام ڏي ٿي، اها برڪتن واري رات اسان کي ياد ڏياري ٿي ته گڏيل چئلينجز کي رڳو يڪجهتي ۽ اخلاقي عزم جي ذريعي ئي منهن ڏئي سگهجي ٿو. صدر چيو ته آئون الله تعاليٰ کان دعاڳو آهيان ته هو پاڪستان کي امن ۽ سلامتي، قومي  هم آهنگي ۽ پائيدار ترقي عطا فرمائي ۽ اسان کي هڪ مضبوط، باوقار ۽ فلاحي رياست جي طور تي اڳتي وڌڻ جي توفيق ڏي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ اسان کي شب معراج جي پيغام کي سمجهڻ، ان تي عمل ڪرڻ ۽ ان کي ايندڙ نسلن تائين منتقل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.

مزید خبریں