ايران ۾ صورتحال جلد معمول تي واپس اچڻ جا خواهشمند آهيون: عاصم افتخار احمد

گڏيل قومون-16 جنوري (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي ٻڌايو آهي ته هو ايران ۾ صورتحال جلد معمول تي واپس اچڻ جا خواهشمند آهن ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانون ڪنهن به رياست جي اندروني معاملن ۾ پرڏيهي مداخلت جي اجازت نٿو ڏي.گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد سلامتي ڪائونسل جي هنگامي اجلاس کي …

گڏيل قومون-16 جنوري (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي ٻڌايو آهي ته هو ايران ۾ صورتحال جلد معمول تي واپس اچڻ جا خواهشمند آهن ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانون ڪنهن به رياست جي اندروني معاملن ۾ پرڏيهي مداخلت جي اجازت نٿو ڏي.گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد سلامتي ڪائونسل جي هنگامي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته گڏيل قومن جو چارٽر ڪنهن به رياست جي علائقائي سلامتي يا سياسي خودمختياري خلاف طاقت جي استعمال يا ان جي ڌمڪي جي منع ڪري ٿو. هن واضح ڪيو ته رياستن جي اندروني معاملن ۾ مداخلت عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي اصولن جي ابتڙ آهي. پاڪستاني نمائندي چيو ته پاڪستان گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ ايران ۽ خطي ۾ ٿيل اڳڀرائي تي گهري نظر رکي آهي. هن چيو ته علائقائي امن ۽ استحڪام کي درپيش خطرا ڳڻتي جو سبب آهن. هن ايران کي پاڪستان جو برادر ملڪ قرار ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن جو عوام تاريخي، ثقافتي ۽ مذهبي رشتن ۾ ڳنڍيل آهي، هن چيو ته هڪ مستحڪم ۽ پرامن ايران نه رڳو پاڪستان پر پوري خطي ۽ دنيا جي مفاد ۾ آهي ۽ پاڪستان کي ايران جي عوام ۽ قيادت جي دانشمندي تي مڪمل اعتماد آهي. سندس چوڻ هو ته سمورن تڪرارن جو حل طاقت بدران ڳالهين ۽ عالمي قانون موجب پرامن ذريعن سان ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هڪطرفا قدم ۽ تشدد بحران کي وڌيڪ وڌائين ٿا. پاڪستاني نمائندي ان اميد جو اظهار ڪيو ته ايران ۾ حالتون جلد معمول تي واپس اينديون. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو هي اجلاس آمريڪا جي درخواست تي گهرايو ويو هو جنهن ۾ ايران جي موجوده صورتحال تي بحث ڪيو ويو.

مزید خبریں