آسٽريليا ۾ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي ننڍي عمر جي 47 لک اڪائونٽس تي پابندي

ڪينبرا-16 جنوري (اي پي پي)آسٽريليا ۾ انٽرنيٽ ريگوليٽر اعلان ڪيو آهي ته سوشل ميڊيا هلائيندڙ ڪمپنين ملڪ ۾ ننڍي عمر جي مجموعي طور تي 47 لک اڪائونٽس تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. اهو قدم 16 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن تي دنيا ۾ پهرين اهڙي قسم جي پابندي لاڳو ڪرڻ جي رڳو هڪ مهيني کانپوءِ کنيو ويو جيڪو ان قدم جي تيز رفتار ۽ وسيع اثرن جي عڪاسي ڪري …

ڪينبرا-16 جنوري (اي پي پي)آسٽريليا ۾ انٽرنيٽ ريگوليٽر اعلان ڪيو آهي ته سوشل ميڊيا هلائيندڙ ڪمپنين ملڪ ۾ ننڍي عمر جي مجموعي طور تي 47 لک اڪائونٽس تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. اهو قدم 16 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن تي دنيا ۾ پهرين اهڙي قسم جي پابندي لاڳو ڪرڻ جي رڳو هڪ مهيني کانپوءِ کنيو ويو جيڪو ان قدم جي تيز رفتار ۽ وسيع اثرن جي عڪاسي ڪري ٿو. پرڏيهي ميڊيا مطابق آسٽريليا ۾ انٽرنيٽ تي اي-سيفٽي جي اداري ٻڌايو ته پليٽ فارمز هن وقت تائين 10 ڊسمبر 2025ع تي لاڳو ٿيل قانون تي عمل ڪندي 16 سالن کان گهٽ عمر جا اٽڪل 4.7 ملين اڪائونٽس هٽائي ڇڏيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق اڪثر پليٽ فارمز ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته انهن آخري تاريخ کان ڪجهه هفتا اڳ ئي انهن اڪائونٽس کي هٽائڻ شروع ڪري ڇڏيو هو جن تي پابندي جو شرط لاڳو ٿئي ٿو.

مزید خبریں