ماسڪو _16 جنوري (اي پي پي ) روس جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماريه زاخاووا چيو آهي ته اسان چين جي ان موقف سان يڪجهتي رکون ٿا ته روس ۽ چين جي گرين لينڊ جي چوڌاري ڪنهن سرگرمي جو حوالو موجوده ڇڪتاڻ جي طورتي ڏيڻ قبول ڪرڻ جوڳو نه آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق روس جي پرڏيهي وزير جي ترجمان چيو آهي ته نه روس ۽ نه ئي وري چين …
اولهه پاران روس ۽ چين جي گرين لينڊ جي چوڌاري ڪنهن سرگرمي جو حوالو موجوده ڇڪتاڻ طور ڏيڻ قبول ڪرڻ جوڳو نه آهي: روس

مزید خبریں
ماسڪو _16 جنوري (اي پي پي ) روس جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماريه زاخاووا چيو آهي ته اسان چين جي ان موقف سان يڪجهتي رکون ٿا ته روس ۽ چين جي گرين لينڊ جي چوڌاري ڪنهن سرگرمي جو حوالو موجوده ڇڪتاڻ جي طورتي ڏيڻ قبول ڪرڻ جوڳو نه آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق روس جي پرڏيهي وزير جي ترجمان چيو آهي ته نه روس ۽ نه ئي وري چين اهڙي طرح جو ڪو منصوبو ظاهر ڪيو آهي . هن اهو به چيو ته روس ۽ چين جي گرين لينڊ لاءِ خطرو هجڻ جي دعوى جي حمايت ۾ ڪا حقيقت پيش ناهي ڪئي وئي . ماريه زاخاووا وڌيڪ چيو ته اهڙي ڪا حقيقت موجود ناهي جيڪا روس ۽ چين جي جارحاڻي منصوبن جي نشاندهي ڪري ۽ نه وري ڪا ٿي سگهي ٿي . واضع رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هر ڀيري چيو آهي ته آمريڪا گرين لينڊ تي قبضو ڪندو ، ڇو ته جيڪڏهن آمريڪا ائين نٿو ڪري ته روس ۽ چين ڪندو ، ۽ آمريڪا کيس پاڙيسري طور نٿو چاهي . ٽرمپ جي ڌمڪين بعد ، يورپي اڳواڻن هر ڀيري ، بنا ڪنهن ٺوس ثبوتن جي ، چيو آهي ته روس ۽ چين گرين لينڊ تي نظر لڳائي ويٺا آهن ۽ ان دليل کي استعمال ڪندي چيو ته نيٽو کي ماسڪو ۽ بيجنگ خلاف حملي جي حفاظت ڪرڻ گهرجي .











