يمن جي پراسيڪيوٽر جنرل پاران عيدروس الزبيدي خلاف جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو

 صنعا -16 جنوري (اي پي پي) يمن جي پراسڪيوٽر جنرل ميجر جنرل، عيدروس الزبيدي سان منسوب ” مبينه قدمن “ جي تحقيقات لاءِ هڪ ڪميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي . پرڏيهي خابرو اداري مطابق ڪميٽي عيدروس الزبيدي خلاف سنگين غداري، هٿياربند گروپ ٺاهن ، فوجي آفيسرن ۽ اهڪارن جي قتل ، ڏکڻ مسئلي جي استحصال ، آئين جي ڀڃڪڙي ۽ فوجي ٺڪاڻن کي نقصان پهچائڻ جهڙن الزامن جي …

 صنعا -16 جنوري (اي پي پي) يمن جي پراسڪيوٽر جنرل ميجر جنرل، عيدروس الزبيدي سان منسوب ” مبينه قدمن “ جي تحقيقات لاءِ هڪ ڪميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي . پرڏيهي خابرو اداري مطابق ڪميٽي عيدروس الزبيدي خلاف سنگين غداري، هٿياربند گروپ ٺاهن ، فوجي آفيسرن ۽ اهڪارن جي قتل ، ڏکڻ مسئلي جي استحصال ، آئين جي ڀڃڪڙي ۽ فوجي ٺڪاڻن کي نقصان پهچائڻ جهڙن الزامن جي جاچ ڪندي . ڪميٽي کي قانون مطابق ماڻهن کي طلب ڪرڻ ۽ گرفتار ڪرڻ ، شاهدين کي گڏ ڪرڻ ۽ ضروري قدمن جو اختيار حاصل هوندو ، جڏهن ته ان جي جاچ جلد مڪمل ڪرڻ ۽ مسلسل رپورٽ پيش ڪرڻ جي ذميواري ڏني وئي آهي . 7 جنوري تي يمن کان فرار ٿيڻ کان اڳ، عيدروس الزبيدي تحليل ڪيل ڏاکڻي عبوري ڪائونسل (اي ٽي سي ) جو سربراهه هو ۽ ان دوران يمن جي حڪومت ۾ اعلى عهدو به رکندو هو . ان بعد يمن جي حڪومت پنهنجي رڪنيت تان برطرف ڪري ڇڏيو ۽ سنگين غداري جي الزام ۾ سندس ڪيس اٽارني جنرل ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو آهي .

مزید خبریں