فلاءِ ناس جو اڀا انٽر نيشنل ايئر پورٽ  تي نئون آپريشنل بيس قائم

 رياض _ 16 جنوري (اي پي پي)سعودي عرب ۽ وچ اوڀر جي گهٽ بجيٽ واري ايئر لائين ” فلاءِ ناس“ ابها انٽرنيشنل  ايئر پورٽ تي نئون آپريشنل بيس قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق فلا ءِ ناس جا چار اهم مرڪز رياض، جده ، مدينه منوره ۽ دمام ۾ اڳ  ئي آپريشنل بيس موجود آهن ، هاڻي مملڪت جي پنجن مختلف مرڪزن تان اڏامون آپريٽ ڪندڙ  …

 رياض _ 16 جنوري (اي پي پي)سعودي عرب ۽ وچ اوڀر جي گهٽ بجيٽ واري ايئر لائين ” فلاءِ ناس“ ابها انٽرنيشنل  ايئر پورٽ تي نئون آپريشنل بيس قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق فلا ءِ ناس جا چار اهم مرڪز رياض، جده ، مدينه منوره ۽ دمام ۾ اڳ  ئي آپريشنل بيس موجود آهن ، هاڻي مملڪت جي پنجن مختلف مرڪزن تان اڏامون آپريٽ ڪندڙ  پهرين ايئر لائن بڻجي وئي آهي. فلاءِ ناس 29 مارچ کان ابها جي نئين آپريشنل بيس کان اڏامن جي پهرين مرحلي جي شروعات ڪندي . ابها انٽر نيشنل ايئر پورٽ جي نيٽ ورڪ ۾ دبئي ، قاهره ، استنبول ۽ عديس ابابا جا 6 مستقل روٽ شامل هوندا . ان سان گڏ ڪويت ۽ طرابوزون لاءِ سيزنل سروس به دستاب هوندي . فلاءِ ناس جي سي اي او ۽ مينيجنگ ڊائريڪٽر چيو ته نئين آپريشنل بيس  جو مقصد عسير ريجن ۾ معيشت ۽ سياحت کي هٿي ڏيڻ آهي . اهو فيصلو عسير کي سڄو سال عالمي سياحتي هنڌ ۾ تبديل ڪرڻ جي مقصد جي حمايت ڪرڻ آهي . اهو قدم قومي سول ايوي ايشن جي حڪمت عملي ۽ سعودي ويزن 2030 ع جي هدف مطابق آهي .

مزید خبریں