اسلام آباد-15 جنوري (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان يورپي يونين جي سفير ريمنڊس ڪرابلس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ انساني حقن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ٻه طرفي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قانون واري وزارت جي ترجمان موجب ملاقات دوران جي ايس پي پلس، مانيٽرنگ مشن جي نتيجن ۽ پاڪستان جي بين الاقوامي ذميدارين بابت معاملن تي …
قانون واري وفاقي وزير سان يورپي يونين جي سفير جي ملاقات، انساني حقن کي هٿي وٺرائڻ ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ

مزید خبریں
اسلام آباد-15 جنوري (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان يورپي يونين جي سفير ريمنڊس ڪرابلس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ انساني حقن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ٻه طرفي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قانون واري وزارت جي ترجمان موجب ملاقات دوران جي ايس پي پلس، مانيٽرنگ مشن جي نتيجن ۽ پاڪستان جي بين الاقوامي ذميدارين بابت معاملن تي بريفنگ ڏني وئي. وفاقي وزير انساني حقن بابت قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد بابت اڳڀرائيءَ کان آگاهه ڪيو. ڳالهين ۾ اقليتن جي حقن جي تحفظ واري قومي ڪميشن کي فعال بڻائڻ جي قدمن، پاڪستان پينل ڪوڊ ۾ ترميمن ۽ موت جي سزا جي دائره ڪار ۾ گهٽتائيءَ بابت معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان کان علاوه اسلام آباد ڪيپيٽيل ٽريٽري، چائلڊ ميريج ريسٽرينٽ ايڪٽ 2025ع کي لاڳو ڪرڻ ۽ مختلف صوبن ۾ چائلڊ ليبر سرويز جي اڳڀرائيءَ تي به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي ڌُرين پاڪستان ۽ يورپي يونين انساني حقن جي بابت ڳالهين تحت تعميري تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو.











