وفاقي آئيني عدالت پاران خيبرپختونخوا ڪنٽرول آف نارڪوٽڪس سبسٽنس ايڪٽ 2019ع خلاف درخواستن تي ٻڌڻي 21 جنوري تائين ملتوي

اسلام آباد-15 جنوري (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت ۾ خيبرپختونخوا ڪنٽرول آف نارڪوٽڪس سبسٽنس ايڪٽ 2019ع خلاف درخواستن تي ٻڌڻي  گذريل ڏينهن ٿي، وفاقي حڪومت ڄاڻايل ايڪٽ کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي گذارش ڪري رکي آهي. ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس علي باقر نجفي ۽ جسٽس ڪريم خان آغا تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ڪئي. ٻڌڻي دوران خيبرپختونخوا حڪومت طرفان آئيني عدالت جي دائري اختيار تي اعتراض اٿاريو ويو. ٻئي …

اسلام آباد-15 جنوري (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت ۾ خيبرپختونخوا ڪنٽرول آف نارڪوٽڪس سبسٽنس ايڪٽ 2019ع خلاف درخواستن تي ٻڌڻي  گذريل ڏينهن ٿي، وفاقي حڪومت ڄاڻايل ايڪٽ کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي گذارش ڪري رکي آهي. ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس علي باقر نجفي ۽ جسٽس ڪريم خان آغا تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ڪئي. ٻڌڻي دوران خيبرپختونخوا حڪومت طرفان آئيني عدالت جي دائري اختيار تي اعتراض اٿاريو ويو. ٻئي طرف اينٽي نارڪوٽڪس فورس جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته آئين جا آرٽيڪل 137، 90 ۽ 97 وفاقي حڪومت جي اختيارن کي واضح ڪن ٿا. ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته هن عدالت کي ڪيس ٻڌڻ جو اختيار حاصل آهي، ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 21 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

مزید خبریں