اسلام اباد-15 جنوري (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي نيشنل پوليس اڪيڊمي جي دوري جي موقعي تي تربيت هيٺ اي ايس پيز لاءِ اهم فيصلن جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تحت پاسنگ آئوٽ تي آفيسرن کي پلاٽن جي فراهمي، هڪ مهيني جي تربيت لاءِ چين جي شهر (بيجنگ) موڪلڻ ۽ پوليس آفيسرن جي پگهارن ۾ بهتري سميت پروموشن جا مسئلا فوري حل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. …
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پاران نيشنل پوليس اڪيڊمي جو دورو، اي ايس پيز لاءِ پلاٽن، بيجنگ ۾ تربيت ۽ پگهارن ۾ اضافي جو اعلان
اسلام اباد-15 جنوري (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي نيشنل پوليس اڪيڊمي جي دوري جي موقعي تي تربيت هيٺ اي ايس پيز لاءِ اهم فيصلن جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تحت پاسنگ آئوٽ تي آفيسرن کي پلاٽن جي فراهمي، هڪ مهيني جي تربيت لاءِ چين جي شهر (بيجنگ) موڪلڻ ۽ پوليس آفيسرن جي پگهارن ۾ بهتري سميت پروموشن جا مسئلا فوري حل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. هن واضع ڪيو ته پوليس فورس کي عالمي معيار جهڙو تيار ڪرڻ لاءِ پيشيوراڻي مهارت ۽ مالي طور بهتر بڻائڻ کي يقيني بڻايو ويندو. گهرو وزير تربيت هيٺ آفيسرن کي خطاب ڪندي چيو ته موجوده پوليس بيچ کي جديد گهرجن مطابق تيار ڪرڻ حڪومت جي ترجيح آهي. ان سلسلي ۾ آفيسرن جون مالي مشڪلاتون ختم ڪرڻ لاءِ خصوصي قدم کنيا پيا وڃن ۽ نيشنل پوليس فائونڊيشن جي سهڪار سان کين جديد سهولت ڏني ويندي. دوري دوران گهرو وزير اڪيڊمي جي رنگ روگن جي ڪم جو معائنو ڪيو، جنهن ۾ ڪانفرنس هال، ڊائننگ هال ۽ ٻيا روم شامل هئا. هن ان موقعي تي ڪم جي معيار جي حوالي سان اڪيڊمي جي ڪمانڊنٽ محمد ادريس کي ضروري هدايت جاري ڪيون.ان موقعي تي نيشنل اڪيڊمي جي ڪمانڊٽ گهرو وزير کي جامع بريفنگ ڏني جڏهن ته ڊپٽي ڪمانڊٽ، ايڊيشنل ڪمشنر اسلام آباد ۽ ٻيا اعلى آفيسر به ساڻس گڏ موجود هئا.












