اسلام آباد-15 جنوري (اي پي پي) پاڪستان سرڪاري شعبي جي آڊٽ نظام کي ڊجيٽل بڻائڻ ۾ نمايان اڳڀرائي حاصل ڪئي آهي. 2022ع کان آڊٽ مينيجمينٽ انفارميشن سسٽم جي تياري ۽ ان کي لاڳو ڪرڻ ذريعي آڊٽ جي پوري عمل کي جديد ٽيڪنالاجي سان ڳنڍيو ويو آهي. آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي آفيس موجب اي ايم آءِ ايس آڊٽ پلانگ کان وٺي حتمي آڊٽ رپورٽ تائين سڄي عمل کي مڪمل طور …
پاڪستان جي آڊٽ نظام کي ڊجيٽل بڻائڻ ۾ نمايان اڳڀرائي، 2022ع کان آڊٽ مينيجمينٽ انفارميشن سسٽم جي تياري ۽ ان کي جديد ٽيڪنالاجي سان ڳنڍيو ويو آهي: آڊيٽر جنرل آف پاڪستان
اسلام آباد-15 جنوري (اي پي پي) پاڪستان سرڪاري شعبي جي آڊٽ نظام کي ڊجيٽل بڻائڻ ۾ نمايان اڳڀرائي حاصل ڪئي آهي. 2022ع کان آڊٽ مينيجمينٽ انفارميشن سسٽم جي تياري ۽ ان کي لاڳو ڪرڻ ذريعي آڊٽ جي پوري عمل کي جديد ٽيڪنالاجي سان ڳنڍيو ويو آهي. آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي آفيس موجب اي ايم آءِ ايس آڊٽ پلانگ کان وٺي حتمي آڊٽ رپورٽ تائين سڄي عمل کي مڪمل طور تي ڊجيٽل بڻايو ويو آهي. ان نظام سبب آڊٽ جي عمل ۾ ڪارڪردگي ۽ شفافيت ۾ نمايان بهتري آئي آهي جنهن سان عوامي مالياتي نگراني وڌيڪ مضبوط ٿي آهي. آڊٽ عملدارن تصديق ڪئي آهي ته هن وقت اي ايم آءِ ايس کي اينڊ ٽو اينڊ ڊجيٽل نظام بڻائڻ لاءِ وڌيڪ توسيع جو ڪم جاري آهي، جنهن تحت پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) ۽ پرنسپل اڪائونٽنگ آفيسرن سان ڊجيٽل انٽرفيس قائم ڪري رهيا آهيون ته جيئن رابطاڪاري ۽ حقيقي وقت ۾ معلومات جي مٽاسٽا بهتر بڻائي سگهجي، ان سان گڏوگڏ آڊيٽر جنرل جي آفيس ۾ سينٽر فار گورنمينٽ ڊيٽا ايناليٽڪس کي به مڪمل طور تي فعال ڪيو پيو وڃي جنهن جو افتتاح ڊسمبر 2025ع ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب ڪيو هو. مستقبل جي منصوبن ۾ آڊٽ جانچ پڙتال لاءِ بگ ڊيٽا ايناليٽڪس جو استعمال به شامل آهي جنهن لاءِ آڊيٽر جنرل جي آفيس اڳ ئي 4 جديد سافٽ ويئر لائسنس حاصل ڪري ورتا آهن. ان کانسواءِ ڊجيٽل ڊيٽا جي مٽاسٽا ۾ درپيش مسئلن جي حل لاءِ يونيورسل بزنس لينگوئيج معيارکي اختيار ڪرڻ جون ڪوششون به جاري آهن. اختيارين اهي قدم ملڪي آڊٽ نظام کي جديد بڻائڻ، شفافيت کي هٿي ڏيڻ ۽ سرڪاري ادارن ۾ احتساب کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا.












