اسلام آباد - 15 جنوري (اي پي پي)پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري پاڪستاني پاسپورٽ جي عالمي درجه بندي ۾ بھتري تي مبارڪون ڏيندي چيو آھي ته اھو حڪومت جي سنجيده سفارتي ڪوششن جو نتيجو آھي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنھنجي بيان ۾ ھن چيو ته الحمد الله پاڪستان جي پاسپورٽ جي عالمي درجه بندي ۾ بھتري موجوده حڪومت جي سنجيده سفارتي ڪوششن جو …
پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري پاران پاڪستاني پاسپورٽ جي عالمي درجه بندي ۾ بھتري تي مبارڪون
اسلام آباد – 15 جنوري (اي پي پي)پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري پاڪستاني پاسپورٽ جي عالمي درجه بندي ۾ بھتري تي مبارڪون ڏيندي چيو آھي ته اھو حڪومت جي سنجيده سفارتي ڪوششن جو نتيجو آھي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنھنجي بيان ۾ ھن چيو ته الحمد الله پاڪستان جي پاسپورٽ جي عالمي درجه بندي ۾ بھتري موجوده حڪومت جي سنجيده سفارتي ڪوششن جو ثبوت آھي. ھن چيو ته وزيراعظم، گھرو وزارت ۽ حڪومتي سموري ٽيم مبارڪن جي مستحق آھي، جن جي پاليسين سان پاڪستان جو وقار بلند ۽ عوام لاءِ سفر جا نوان موقعا پيدا ٿيا، اھو درست پاسي ھڪ اھم قدم آھي.












