اسلام آباد - 15 جنوري (اي پي پي) نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارتي(اين ڊي ايم اي) جي نيشنل ايمر جنسيز آپريشن سينٽر ملڪ جي مٿانهين وارن علائقن ۾ شديد ٿڌ ۽ برفباري جو ھنگامي الرٽ جاري ڪيو آھي. الرٽ مطابق جنوري جي پڄاڻي تائين گلگت بلتستان، خيبرپختوخواهه جي مٿانهين وارن علائقن ۽ آزاد ڪشمير ۾ رات ۽ صبح جي وقت ۾ ٿڌ جي شدت ۾ اضافي جو امڪان آهي. ان دوران …
اين ڊي ايم اي پاران ھنگامي الرٽ جاري، مٿانهين وارن علائقن ۾ سخت ٿڌ ۽ برفباري جو امڪان
اسلام آباد – 15 جنوري (اي پي پي) نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارتي(اين ڊي ايم اي) جي نيشنل ايمر جنسيز آپريشن سينٽر ملڪ جي مٿانهين وارن علائقن ۾ شديد ٿڌ ۽ برفباري جو ھنگامي الرٽ جاري ڪيو آھي. الرٽ مطابق جنوري جي پڄاڻي تائين گلگت بلتستان، خيبرپختوخواهه جي مٿانهين وارن علائقن ۽ آزاد ڪشمير ۾ رات ۽ صبح جي وقت ۾ ٿڌ جي شدت ۾ اضافي جو امڪان آهي. ان دوران مٿانهين وارن علائقن ۾ وچولي کان سخت درجي جي برفباري جي اڳڪٿي ڪئي وئي آھي. جنھن جي نتيجي ۾ رابطا روڊ بند، ٽرانسپورٽ جو نظام ۽ بجلي جي فراھمي سخت متاثر ٿي سگھي ٿي. جابلو علائقن ۾ برفباري سبب برفاني ڇپون ڪرڻ ۽ روڊن تي ترڪي پوڻ جي خطرن ۾ اضافو ٿي ويو آھي جنهن کان پوءِ اين ڊي ايم اي عوام کي احتياط جي اپيل ڪئي آھي، جڏهن ته شھرين کي ھدايت ڪئي وئي آھي ته اهي گرم ڪپڙن جو استعمال ڪن. اين ڊي ايم اي سياحن ۽ مسافرن کي مشورو ڏنو آھي ته اھي جابلو علائقن ۾ غير ضروري سفر ڪرڻ کان پاسو ڪن. شھرين کي اپيل ڪئي وئي آھي ته اھي موسم بابت معلومات لاءِ ٽي وي، ريڊيو ۽ اين ڊي ايم اي جي تصديق ٿيل سوشل ميڊيا اڪائونٽس سان جڙيل رھن، جڏهن ته”پاڪ اين ڊي ايم اي ڊيزاسٽر الرٽ“ موبائيل ايپ ذريعي به موسم جي تازي صورتحال کان آگاھي حاصل ڪري سگھجي ٿي. اين ڊي ايم اي جو چوڻ آھي ته اسان جي نظر ۾ سمورا امڪاني خطرا آھن ۽ ماتحت ادارن کي موسمي صوتحال مطابق مسلسل ھدايتون جاري ڪيون پيون وڃن.












