يمن جي تڪرار جي حل لاءِ جامع سياسي ڳالهيون ڪيون وڃن، بنيادي سهولتن جي اڻهوند سان لکين ماڻهو مشڪلاتن جو شڪار آهن: پاڪستان

گڏيل قومون-15 جنوري (اي پي پي)پاڪستان يمن ۾ ڊگهي عرصي کان جاري تڪرار جي حل لاءِ جامع ۽ شموليتي سياسي ڳالهين تي زور ڀريندي خبردار ڪيو آهي ته بنيادي سهولتن جي اڻهوند سبب لکين ماڻهو شديد مشڪلاتن جو شڪار آهن، هن گڏيل قومن جي حراست هيٺ امدادي عملي جي فوري آزادي جو به مطالبو ڪيو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي سلامتي ڪائونسل کي خطاب ڪندي چيو ته سموريون …

گڏيل قومون-15 جنوري (اي پي پي)پاڪستان يمن ۾ ڊگهي عرصي کان جاري تڪرار جي حل لاءِ جامع ۽ شموليتي سياسي ڳالهين تي زور ڀريندي خبردار ڪيو آهي ته بنيادي سهولتن جي اڻهوند سبب لکين ماڻهو شديد مشڪلاتن جو شڪار آهن، هن گڏيل قومن جي حراست هيٺ امدادي عملي جي فوري آزادي جو به مطالبو ڪيو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي سلامتي ڪائونسل کي خطاب ڪندي چيو ته سموريون يمن جون ڌريون ۽ علائقائي حصيدار اهڙي جامع ۽ پائيدار سياسي رضامندي لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪن جيڪو يمن جي عوام جي امنگن جي عڪاسي ڪري ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائي. يمن جي صورتحال تي بحث دوران پاڪستاني نمائندي تازن واقعن ۽ تشدد ۾ اضافي تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ سعودي عرب جي ميزباني ۾ رياض ۾ جامع ڳالهيون ڪرائڻ جي عدن ۾ وقتي صدارتي قيادت ڪائونسل جي اعلان جي آجيان ڪئي. پاڪستاني سفير چيو ته پاڪستان يمن جي وحدت، خودمختياري، آزادي ۽ علائقائي سلامتي جي مڪمل حمايت ڪري ٿو ۽ ڪنهن به اهڙي هڪطرفن قدمن جي مخالفت ڪري ٿو جيڪي اختلافن کي وڌائين، ڇڪتاڻ ۾ اضافو ڪن ۽ امن جي ڪوششن کي نقصان پهچائين. پاڪستاني نمائندي يمن جي قيادت ۾ ۽ يمني عوام جي ملڪيت تي ٻڌل سياسي عمل جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ گڏيل قومن ۾ ان جي خصوصي ايلچي جي ڪردار کي ساراهيو. هن حوثي ڪنٽرول وارن علائقن ۾ گڏيل قومن، امدادي ۽ سفارتي عملي جي گرفتارين ۽ عالمي اداري جي ملڪيتن تي قبضي جي شديد مذمت ڪندي ان کي عالمي قانون جي سراسر ڀڃڪڙي قرار ڏنو. پاڪستاني سفير يمن جي عوام جون شديد انساني ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ بنا رڪاوٽ انساني پهچ ۽ مناسب ۽ مستقل فنڊنگ جو مطالبو ڪيو. هن چيو ته سلامتي ڪائونسل کي يمن ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ متحد ٿي موثر ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. پاڪستان سعودي عرب جي سفارتي ڪوششن جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪندي عمان ۽ گڏيل عرب امارات جي ڪوششن کي به ساراهيو.

مزید خبریں