حڪومت مخالف مظاهرو ڪندڙ کي ڦاهي نه ڏني ويندي: ايران جي پرڏيهي وزير جي تصديق

تهران-15 جنوري(اي پي پي)ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته حڪومت مخالف احتجاج ۾ شرڪت ڪندڙ مظاهرو ڪندڙن کي ڦاهي نه ڏني ويندي جنهن جو سبب اهو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران خلاف بيان بازي کي گهٽايو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن ان ڳالهه جي ترديد ڪئي ته تهران حڪومت مخالف مظاهرو ڪندڙن کي ڦاهي ڏيڻ جو منصوبو بڻائي رهي آهي. ان …

تهران-15 جنوري(اي پي پي)ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته حڪومت مخالف احتجاج ۾ شرڪت ڪندڙ مظاهرو ڪندڙن کي ڦاهي نه ڏني ويندي جنهن جو سبب اهو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران خلاف بيان بازي کي گهٽايو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن ان ڳالهه جي ترديد ڪئي ته تهران حڪومت مخالف مظاهرو ڪندڙن کي ڦاهي ڏيڻ جو منصوبو بڻائي رهي آهي. ان کان اڳ آمريڪي ڊونلڊ ٽرمپ چيو هو ته کيس ان ڳالهه جي خاطري ڪرائي وئي آهي ته ايران ۾ مظاهرو ڪندڙن کي ڦاهي ڏيڻ جي منصوبي تي عمل روڪيو ويو آهي. آمريڪا طرفان ايران خلاف فوجي ڪارروائي جي وڌندڙ خدشن وچ ۾ قطر جي هڪ ايئر بيس مان ڪجهه اهلڪارن کي واپس گهرائڻ جي ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ آمريڪي صدر چيو ته هن ٻي ڌر جي انتهائي اهم ذريعن سان ڳالهايو آهي ۽ ڏسنداسين ته بحران ڪهڙي صورت اختيار ڪري ٿو، پر هن امڪاني آمريڪي فوجي ڪارروائي کي رد ناهي ڪيو. صدر ٽرمپ چيو ته آمريڪي انتظاميا کي ايران طرفان تمام سٺو بيان مليو آهي ۽ هو ڏسندو ته ايران جي حڪومت طرفان ڪهڙا قدم کنيا وڃن ٿا.

مزید خبریں