ڪيليفورنيا ۾ ٽريفڪ حادثو ، 6 ڄڻا فوت، هڪ شديد زخمي

سان فرانسڪو _ 15 جنوري (اي پي پي ) آمريڪا جي رياست ڪيليفورنيا جي اترين علائقي ۾ پيش آيل خوفناڪ ٽريفڪ حادثي ۾ 6 ڄڻا فوت جڏهن ته هڪ شخص شديد زخمي ٿي پيو . اها ڳالهه ڪيليفورنيا هاءِ وي پيٽرول (سي ايڇ پي ) ٻڌائي آهي . حادثو مقامي وقت مطابق صبح اٽڪل 10 وڳي ٿاما ڪائونٽي ۾ پيش آيو، جتي هڪ پڪ اپ ٽرڪ ضابطي مان نڪري روڊ …

سان فرانسڪو _ 15 جنوري (اي پي پي ) آمريڪا جي رياست ڪيليفورنيا جي اترين علائقي ۾ پيش آيل خوفناڪ ٽريفڪ حادثي ۾ 6 ڄڻا فوت جڏهن ته هڪ شخص شديد زخمي ٿي پيو . اها ڳالهه ڪيليفورنيا هاءِ وي پيٽرول (سي ايڇ پي ) ٻڌائي آهي . حادثو مقامي وقت مطابق صبح اٽڪل 10 وڳي ٿاما ڪائونٽي ۾ پيش آيو، جتي هڪ پڪ اپ ٽرڪ ضابطي مان نڪري روڊ جي وچئين لائن پار ڪندي سامهون کان ايندڙ ڪائونٽي ٽرانزٽ بس سان ٽڪرائجي وئي . حادثي جي وقت بس ۾ ڊرائيور سميت 5 مسافر سوار هئا . ٽڪر بعد بس ۾ باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي ڊرائيور ۽ 4 مسافر ٿڏي تي فوت ٿي ويا .  اختيارين مطابق حادثي جو سبب معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ جاري آهي

مزید خبریں