رياض-15 جنوري (اي پي پي) سعودي عرب يمن لاءِ 1.9 ارب ريال جي ترقياتي پئڪيج جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق سعودي عرب جي دفاع واري وزير شهزاده خالد بن سلمان سان رياض ۾ يمني صدارتي قيادت ڪائونسل جي سربراهه ڊاڪٽر رشاد العليمي ملاقات ڪئي ۽ ان موقعي تي يمن لاءِ 1.9 ارب ريال جي ترقياتي پئڪيج جو به اعلان ڪيو . شهزاده خالد بن سلمان ايڪس تي …
سعودي عرب پاران يمن لاءِ 1.9 ارب ريال جي ترقياتي پئڪيج جو اعلان

مزید خبریں
رياض-15 جنوري (اي پي پي) سعودي عرب يمن لاءِ 1.9 ارب ريال جي ترقياتي پئڪيج جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق سعودي عرب جي دفاع واري وزير شهزاده خالد بن سلمان سان رياض ۾ يمني صدارتي قيادت ڪائونسل جي سربراهه ڊاڪٽر رشاد العليمي ملاقات ڪئي ۽ ان موقعي تي يمن لاءِ 1.9 ارب ريال جي ترقياتي پئڪيج جو به اعلان ڪيو . شهزاده خالد بن سلمان ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ لکيو ته هو رشاد العليمي ، ڪائونسل جي ميمبرن، يمني وزيراعظم ۽ عدن جي گورنر سان ملاقات ڪري تمام گهڻو خوش آهي . ملاقات ۾ سعودي، يمني لاڳاپن، يمن جي صورتحال، يمني بحران کي هڪ جامع سياسي حل جي فريم ورڪ اندر ختم ڪرڻ جي حوالي سان ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي . هن چيو ته اسان ڏکڻ جي مسئلي جي مستقبل جي حوالي سان رياض ڪانفرنس ذريعي منصفاڻي حل لاءِ هڪ جامع ويزن ڳولڻ جي اهميت تي زور ڀريو. ملاقات دوران مملڪت طرفان سعودي ترقياتي ۽ نئين سر تعمير جي پروگرام ذريعي يمني عوام لاءِ اقتصادي امداد، ترقياتي منصوبن ۽ پروگرام جي پئڪيج جي فراهمي ۾ مسلسل حمايت جو ورجاءِ ڪيو ويو .











