تهران _ 15 جنوري (اي پي پي ) ايران عارضي طور تي سمورين اڏامن لاءِ پنهنجون فضائي حدون بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته عالمي اڏامن لاءِ خصوصي وقت مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن لاءِ اڳواٽ اجازت وٺڻي پوندي. پرڏيهي خابرواداري مطابق اهو قدم اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ شديد ڇڪتاڻ موجود آهي ۽ ايران ۾ حڪومت خلاف احتجاج به زور …
ايران پاران عارضي طور تي سمورين اڏامن لاءِ پنهنجي فضائي حدن کي بند ڪرڻ جو اعلان

مزید خبریں
تهران _ 15 جنوري (اي پي پي ) ايران عارضي طور تي سمورين اڏامن لاءِ پنهنجون فضائي حدون بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته عالمي اڏامن لاءِ خصوصي وقت مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن لاءِ اڳواٽ اجازت وٺڻي پوندي. پرڏيهي خابرواداري مطابق اهو قدم اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ شديد ڇڪتاڻ موجود آهي ۽ ايران ۾ حڪومت خلاف احتجاج به زور وٺي رهيو آهي . آمريڪا جي هڪ سرڪاري اهلڪار جو چوڻ آهي ته وچ اوڀر جي ڪجهه اڏن مان پنهنجي سرڪاري اهلڪارن کي ڪڍيو پيو وڃي، جڏهن ته ان کان اڳ ايران جي هڪ سينيئر عهديدار پاڙيسري ملڪن کي خبردار ڪيو هو ته جيڪڏهن واشنگٽن طرفان حملو ڪيو ويو ته اتي موجود آمريڪي اڏن کي نشانو بڻايو ويندو. تڪرار جي شڪار علائقن ۾ ميزائلن ۽ ڊرونز جي موجودگي ايئر لائنز جي ٽريفڪ لاءِ هڪ سنگين خطري جي نشاندهي ڪن ٿا.











