سعودي عرب: العلا ۾ ڊرائيونگ دوران ساوڪ کي نقصان پهچائڻ تي 2 هزار ريال تائين ڏنڊ

رياض _15 جنوري (اي پي پي ) سعودي العلا رائل ڪميشن ماحول جي تحفط ۽ ماحولياتي توازن برقرار رکڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق نباتات ۽ ساوڪ کي نقصان پهچائڻ منع آهي . ڪميشن ساوڪ وارن هنڌن تي ڊرائيونگ کي ڀڃڪڙي قرار ڏنو ۽ ساوڪ کي نقصان پهچائڻ  تي ڏنڊ جو اعلان ڪيو آهي . العلا رائل ڪميشن ماحول جي تحفظ ۽ ماحولياري توازن برقرار …

رياض _15 جنوري (اي پي پي ) سعودي العلا رائل ڪميشن ماحول جي تحفط ۽ ماحولياتي توازن برقرار رکڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق نباتات ۽ ساوڪ کي نقصان پهچائڻ منع آهي . ڪميشن ساوڪ وارن هنڌن تي ڊرائيونگ کي ڀڃڪڙي قرار ڏنو ۽ ساوڪ کي نقصان پهچائڻ  تي ڏنڊ جو اعلان ڪيو آهي . العلا رائل ڪميشن ماحول جي تحفظ ۽ ماحولياري توازن برقرار رکڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي . لاپرواهي سان ڊرائيونگ سبب نه رڳو ساوڪ پر مٽي به متاثر ٿئي ٿي جنهن سان ماحولياتي تحفظ کي نقصان پهچي ٿو . ڪيمپنگ ڪندڙن کي به گهرجي ته هو مقامي ضابطن جو خاص خيال رکن ته جيئن ڪنهن به قسم جي قانون جي ڀڃڪڙي کان بچي سگهجي .

مزید خبریں