ڪولمبيا جي صدر جو آمريڪي هم منصب سان 3 فيبروري تي ملاقات جو اعلان

ميڪسيڪو سٽي _ 15 جنوري (اي پي پي ) ڪولمبيا جي صدر گستاووپيٽرو اعلان ڪيو آهي ته سندس آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات 3 فيبروري تي متوقع آهي . پرڏيهي خابرو اداري مطابق گستاووپيٽرو چيو ته منشيات جي اسمگلنگ جي معاملي تي آمريڪا  ۽ ڪولمبيا وچ ۾ تازن ڏينهن ۾ بحث ۾ شدت آئي آهي ، جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي صدرن جي ملاقات جو رستو کليو آهي. هن …

ميڪسيڪو سٽي _ 15 جنوري (اي پي پي ) ڪولمبيا جي صدر گستاووپيٽرو اعلان ڪيو آهي ته سندس آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات 3 فيبروري تي متوقع آهي . پرڏيهي خابرو اداري مطابق گستاووپيٽرو چيو ته منشيات جي اسمگلنگ جي معاملي تي آمريڪا  ۽ ڪولمبيا وچ ۾ تازن ڏينهن ۾ بحث ۾ شدت آئي آهي ، جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي صدرن جي ملاقات جو رستو کليو آهي. هن جو چوڻ هو ته اها ملاقات نهايت اهم آهي ۽ ان جي نتيجن جو انتظار ڪرڻ گهرجي . هن چيو ته سندس حڪومت جي پهرين ترجيع ملڪ ۾ سماجي ۽ معاشي استحڪام کي يقيني بڻائڻ آهي . صدر پيٽرو ان عزم جو اظهار ڪيو ته حڪومت عوامي سڪون برقرار رکڻ ۽ صدر ٽرمپ جي بيانن سبب پيدا ٿيل امڪاني ناڪاري اثرن کان عوام کي بچائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي . واضع رهي ته 3 جنوري تي وينزيولا ۾ آمريڪي فوجي ڪارروائي بعد صدر ٽرمپ چيو هو ته ڪولمبيا جي صدر کي ڏنل سندس وارننگ اڃان به برقرار آهي .

مزید خبریں