برطانيه ايران مان پنهنجا سفارت ڪار واپس گهرائي ورتا

لنڊن-15 جنوري (اي پي پي ) برطانيه وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب ايران مان پنهنجا سفير ۽ تهران ۾ موجود سفارتخاني جي قونصلر شعبي جي سموري عملي کي واپس گهرائي ورتو آهي.  اها ڳالهه پرڏيهي ميڊيا رپورٽ ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ايران ۾ سيڪيورٽي صورتحال جو تفصيلي جائزو وٺڻ کان پوءِ سفارتڪارن جي واپسي جو فيصلو ڪيو ويو، ان کان اڳ پرڏيهي ميڊيا هڪ برطانوي سرڪاري عهديدار جي …

لنڊن-15 جنوري (اي پي پي ) برطانيه وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب ايران مان پنهنجا سفير ۽ تهران ۾ موجود سفارتخاني جي قونصلر شعبي جي سموري عملي کي واپس گهرائي ورتو آهي.  اها ڳالهه پرڏيهي ميڊيا رپورٽ ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ايران ۾ سيڪيورٽي صورتحال جو تفصيلي جائزو وٺڻ کان پوءِ سفارتڪارن جي واپسي جو فيصلو ڪيو ويو، ان کان اڳ پرڏيهي ميڊيا هڪ برطانوي سرڪاري عهديدار جي حوالي سان ٻڌايو هو ته تهران ۾ برطانيه جو سفارتخانو عارضي طور تي بند ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي پرڏيهي ميڊيا موجب رپورٽ ڪيو آهي ته آمريڪا ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ايران خلاف فوجي ڪارروائي تي غور ڪري سگهي ٿو .آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ان کان اڳ خبردار ڪري چڪو آهي ته هو ايران خلاف طاقت جي استعمال جي امڪان کي سنجيدگي سان ڏسي رهيو آهي.

مزید خبریں