آسٽريليا جي گادي واري شهر ۾ بم هٿ آيو،  پوليس جي عوام کي وارننگ

ڪينبرا-15 جنوري (اي پي پي ) آسٽريليا جي گادي واري هنڌ ڪينبرا ۾ عوامي رستن ويجهو ڌماڪيدار مواد جي موجودگي کان پوءِ پوليس شهرين لاءِ وارننگ جاري ڪري ڇڏي آهي .آسٽريلين ڪيپيٽل ٽيريٽري( اي سي ٽي ) پوليس موجب اتر اولهه ڪينبرا جي علائقي بيلڪونن ۾ اڱاري ۽ اربع واري ڏينهن ڪجهه هنڌن تان پائپ بم هٿ آيا آهن، جنهن تي پوليس فوري ڪارروائي ڪئي آهي، اهو علائقو سينٽرل ڪينبرا …

ڪينبرا-15 جنوري (اي پي پي ) آسٽريليا جي گادي واري هنڌ ڪينبرا ۾ عوامي رستن ويجهو ڌماڪيدار مواد جي موجودگي کان پوءِ پوليس شهرين لاءِ وارننگ جاري ڪري ڇڏي آهي .آسٽريلين ڪيپيٽل ٽيريٽري( اي سي ٽي ) پوليس موجب اتر اولهه ڪينبرا جي علائقي بيلڪونن ۾ اڱاري ۽ اربع واري ڏينهن ڪجهه هنڌن تان پائپ بم هٿ آيا آهن، جنهن تي پوليس فوري ڪارروائي ڪئي آهي، اهو علائقو سينٽرل ڪينبرا کان اٽڪل 10 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي موجود آهي، ڊپٽي ايڪٽنگ انسپيڪٽر انا ورونسڪي ٻڌايو ته مجموعي طور تي 11 ڌماڪيدار مادن جو پتو لڳايو ويو جنهن مان اڪثر اڳ ۾ ئي ڦاٽي چڪا هئا. ڪجهه ناڪارا حالت ۾ موجود هئا. هن چيو ته پوليس عوام کي هدايت ڪئي آهي ته جيڪڏهن کين ڪنهن به قسم جو ڪو شڪي اوزار نظر اچي ته ان کي هٿ نه لڳايو وڃي ۽ فوري طور تي پوليس کي اطلاع ڏنو وڃي. پوليس موجب خوش قسمتي سان هن وقت تائين ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جو اطلاع ناهي مليو. جڏهن ته سمورن هٿ آيل ڌماڪيدار مادن کي محفوظ طريقي سان ناڪاره بڻايو ويو آهي. اختيارين شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته ڪنهن به شڪي شيءَ يا سرگرمي جي فوري طور رپورٽ ڪن .

مزید خبریں