سيئول - 15 جنوري (اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا جي آٽو موبائيل جو روانگي واپار سال 2025ع جي رڪارڊ سطح تي پھچي ويو، جنھن جو سبب موحول دوست گاڏين جي گھرج ۾ استحڪام آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق واپار ، صنعت ۽ توانائي واري وزارت جي جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سال 2025ع ۾ گاڏين جي روانگي واپار ۾ سال 2024ع جي ڀيٽ ۾ 1.7 سيڪڙو جي اضافي سان 71.99 ارب …
ڏکڻ ڪوريا جي آٽو موبائيل جو روانگي واپار 71.99 ارب ڊالر جي رڪارڊ سطح تي پھچي ويو

مزید خبریں
سيئول – 15 جنوري (اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا جي آٽو موبائيل جو روانگي واپار سال 2025ع جي رڪارڊ سطح تي پھچي ويو، جنھن جو سبب موحول دوست گاڏين جي گھرج ۾ استحڪام آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق واپار ، صنعت ۽ توانائي واري وزارت جي جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سال 2025ع ۾ گاڏين جي روانگي واپار ۾ سال 2024ع جي ڀيٽ ۾ 1.7 سيڪڙو جي اضافي سان 71.99 ارب آمريڪي ڊالر تائين پھچي ويو ۽ ايئن مسلسل ٽئين سال 70 ارب ڊالر جي حد پار ڪئي، اھو رڪارڊ روانگي واپار جي بنيادي طور ماحول دوست سيڊان گاڏين جي مضبوط گھرج جو نتيجو رھيو، جنھن جو روانگي واپار 11 سيڪڙو جي اضافي سان 25.77 ارب ڊالر تائين پھچي ويو، جڏھن ته آمريڪي گاڏين جو روانگي واپار 13.2 سيڪڙو کان 30.15 ارب ڊالر رھيو، جنھن سبب آمريڪي ٽيرف جو لاڳو ڪرڻ ٻڌايو پيو وڃي. ان جي ابتڙ يورپي يونين ۽ ايشيائي ملڪن جو روانگي واپار ڊبل ڊجٽ ۾ وڌي ترتيبوار 8.06 ارب ڊالر ۽ 5.88 ارب ڊالر تائين پھچي ويو. 2025ع ۾ روانگي واپار ۾ گاڏين جو انگ 27 لک 36 ھزار 308 رھيو جيڪو سالياني بنيادن تي 1.7 سيڪڙو گھٽ آھي. جڏھن ته آٽو پارٽس جي روانگي واپار ۾ 5.9 سيڪڙو جي گھٽتائي سان 21.20 ارب ڊالر رھي. مقامي فيڪٽرين ۾ تيار ڪيل گاڏين جو انگ 0.6 سيڪڙو کان گھٽجي 41 لک ھڪ ھزار 992 رھيو، جڏھن ته اھو مسلسل ٽئين سال 40 لک کان وڌيڪ رھيو. هوڏانهن ملڪ اندر وڪرو ٿيل گاڏين جو مجموعي انگ، جنھن ۾ مقامي ۽ آمدني واپار ٻئي شامل آھن، 16 لک 80 ھزار 110 رھيو جيڪو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 3.3 سيڪڙو کان وڌيڪ آھي.











