8 فيبروري تي پي ٽي آءِ پاران ڏنل هڙتال جي سڏ دوران زبردستي ڪاروبار بند ڪرڻ، ٽرانسپورٽ بند ڪرڻ يا عوام کي ڪو به نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته حڪومت قانون موجب سخت ڪارروائي ڪندي: شرجيل ميڻ

ڪراچي-14 جنوري (اي پي پي)سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن 8 فيبروري تي پي ٽي آءِ پاران ڏنل هڙتال جي سڏ دوران زبردستي ڪاروبار بند ڪرڻ، ٽرانسپورٽ بند ڪرڻ يا عوام کي ڪو به نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته حڪومت قانون موجب سخت ڪارروائي ڪندي.سينيئر صوبائي وزير جي ترجمان موجب اهڙو اظهار هن هڪ خانگي چينل سان ڳالهائيندي ڪيو. ترجمان موجب سنڌ …

ڪراچي-14 جنوري (اي پي پي)سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن 8 فيبروري تي پي ٽي آءِ پاران ڏنل هڙتال جي سڏ دوران زبردستي ڪاروبار بند ڪرڻ، ٽرانسپورٽ بند ڪرڻ يا عوام کي ڪو به نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته حڪومت قانون موجب سخت ڪارروائي ڪندي.سينيئر صوبائي وزير جي ترجمان موجب اهڙو اظهار هن هڪ خانگي چينل سان ڳالهائيندي ڪيو. ترجمان موجب سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير بابت پنهنجي ڪنهن به فيصلي ۾ تبديلي نه ڪئي آهي. جيئن ئي سندس آمد جو اطلاع مليو ته سندس لاءِ مڪمل ۽ جامع انتظام ڪيا ويا. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير ۽ سندس عملي سان سڌو رابطو قائم ڪيو ويو، پي ٽي آءِ جي مقامي قيادت سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ۽ کيس مڪمل فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي. ايئرپورٽ تي سندس باضابطه استقبال ڪيو ويو ۽ بعد ۾ ٽرانسپورٽ جا سڀئي رستا ۽ ٻيا معاملا گڏيل صلاح مشوري سان طئي ڪيا ويا.هن چيو ته بعد ۾ پي ٽي آءِ سنڌ جي قيادت پنهنجا سڀ واعدا تبديل ڪيا. سيڪيورٽي خدشن جي باوجود، اهي انهن علائقن ۾ ويا جتي هنن اڳ ۾ وڃڻ کان انڪار ڪيو هو. ان باوجود، انهن کي ريلي ڪڍ ڻ جي اجازت ڏني وئي ۽ اين او سي پڻ جاري ڪئي وئي، پر ان کان پوءِ به اهي متفقه معاملن تي پوئتي هٽندا رهيا.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته حڪومت واضح طور تي موقف اختيار ڪيو هو ته جيڪڏهن اهي ريلي ڪڍڻ چاهين ٿا ته انهن کي اهو ڪرڻ گهرجي، ان حوالي سان ڪا به رڪاوٽ نه وڌي وئي . ان باوجود، صورتحال کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هن چيو ته ڪالهه جي پريس ڪانفرنس ۾ به سڀئي ثبوت پيش ڪيا جيڪي ظاهر ڪن ٿا ته ڪيئن پوليس تي پٿراءُ ڪيو ويو، ميڊيا هائوسز کي نشانو بڻايو ويو، هڪ ڊي ايس اين جي گاڏي کي نقصان پهچايو ويو ۽ ڪجهه صحافين سان زيادتي ڪئي وئي.هن چيو ته اهي عنصر چاهين ٿا ته صورتحال خراب ٿئي ۽ هڪ وڏي خبر پيدا ٿئي، تنهن هوندي به، سنڌ حڪومت صبر جو مظاهرو ڪيو ۽ پوليس کي صرف دفاعي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته صوبائي حڪومت ڪنهن به قسم جي انتقام تي يقين نٿي رکي. پوليس اهلڪارن تي تشدد ۽ ميڊيا هائوسز جي گاڏين جا در ۽ شيشا ٽوڙڻ جي باوجود، حڪومت چاهي ها ته ڪيس داخل ڪري سگهي ها، پر جيئن ته ٻئي صوبي جو وڏو وزير سنڌ ۾ مهمان طور موجود هو، مهمان نوازي جي روايت کي ذهن ۾ رکندي، معاملي کي اڳتي نه وڌايو ويو ۽ سخاوت ڏيکاري وئي.هن واضح ڪيو ته قانون ۾ ڪٿي به ڪنهن کي يرغمال بڻائڻ يا تشدد ڪرڻ جي اجازت ناهي.