واشنگٽن _14 جنوري (اي پي پي ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته سندس انتظاميه صوماليه يا ڪنهن به ٻئي ملڪ سان تعلق رکندڙ اهڙن پرڏيهين جي شهريت ختم ڪئي پئي وڃي جن اسان جي ڪنهن به شهري کي ڌوڪو ڏنو هوندو . پرڏيهي خابرو اداري مطابق هن گذريل ڏينهن ڊيٽرائٽ اڪنامڪ ڪلب ۾ منعقد ٿيل تقريب سان خطاب ڪندي چيو ته اسان انهن ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪري رهيا …
آمريڪي شهرين کي ڌوڪو ڏيندڙ پرڏيهين جي شهريت ختم ڪئي ويندي : صدر ڊونلڊ ٽرمپ

مزید خبریں
واشنگٽن _14 جنوري (اي پي پي ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته سندس انتظاميه صوماليه يا ڪنهن به ٻئي ملڪ سان تعلق رکندڙ اهڙن پرڏيهين جي شهريت ختم ڪئي پئي وڃي جن اسان جي ڪنهن به شهري کي ڌوڪو ڏنو هوندو . پرڏيهي خابرو اداري مطابق هن گذريل ڏينهن ڊيٽرائٽ اڪنامڪ ڪلب ۾ منعقد ٿيل تقريب سان خطاب ڪندي چيو ته اسان انهن ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪري رهيا آهيون جن اسان جي شهرين کي ڌوڪو ڏنو هجي ۽ ان ۾ کين سزا ٿي هجي. اهڙن ماڻهن جي شهريت رد ڪئي ويندي . واضح رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي چونڊ مهم دوران اهڙا بيان ڏنا هئا جن مان خبر پئي ٿي ته سندس دور پرڏيهين لاءِ وڌيڪ خوشگوار نه هوندو ۽ ائين ئي ٿي رهيو آهي . هن اقتدار ۾ اچڻ بعد ڪيترن ملڪن جي شهرين جي آمريڪا جي سفر تي پابندي لڳائي . خيال رهي ته ڊسمبر جي آخر ۾ آمريڪي انتظاميه سفري پابندين جي لسٽ ۾ وڌيڪ 5 ملڪن کي شامل ڪيو هو جڏهن ته ڪجهه ٻين ملڪن لاءِ ويزا جا شرط وڌيڪ سخت ڪيا ويندا . اهڙي طرح جون ۾ صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو هو ته 12 ملڪن جا شهري آمريڪا جو سفر نٿا ڪري سگهن، جڏهن ته 7 ملڪن جي شهرين کي پابندين کي منهن ڏيڻو پوندو .











