صوماليه جي خود مختياري کي نقصان پهچائڻ وارين ڪوشش کي رد ڪيون ٿا : سعودي ڪابينه

رياض _14 جنوري (اي پي پي ) سعودي ڪابينا صوماليه جي خودمختياري ۽ اتحاد جي حمايت جو ورجاءِ ڪيو ۽ ان کي نقصان پهچائڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي رد ڪري ڇڏيو . پرڏيهي خابرو اداري مطابق سعودي ڪابينا صوماليه جي صورتحال جي حوالي سان جده ۾ ٿيل آو آئي سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس جي نتيجن جي به حمايت ڪئي آهي . ڪابينا جو …

رياض _14 جنوري (اي پي پي ) سعودي ڪابينا صوماليه جي خودمختياري ۽ اتحاد جي حمايت جو ورجاءِ ڪيو ۽ ان کي نقصان پهچائڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي رد ڪري ڇڏيو . پرڏيهي خابرو اداري مطابق سعودي ڪابينا صوماليه جي صورتحال جي حوالي سان جده ۾ ٿيل آو آئي سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس جي نتيجن جي به حمايت ڪئي آهي . ڪابينا جو اجلاس گذريل ڏينهن رياض ۾ سعودي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ خطي جي صورتحال ۽ ٻين معاملن جو جائزو ورتو ويو . اجلاس کانپوءِ سڌ سماءَ واري وزير سلمان الدوسري ميڊيا کي ٻڌايو ته ڪابينا جده ۾ صوماليه جي صورتحال تي او آئي سي جي غير معمولي اجلاس جي نتيجن جي حمايت ڪندي صوماليه جي اتحاد ، علائقائي سالميت ۽ قومي خود مختياري کي نقصان پهچائڻ وارين ڪوششن کي رد ڪيو آهي. ڪابينا سعودي عرب ۽ مختلف ملڪن سان ٿيل اعلى سطح جي مشورن ۽ ڳالهين جو جائزو ورتو، جنهن ۾ علائقائي صورتحال ۽ امن لاءِ جاري ڪوشن تي ڳالهيون ڪيون ويون . اجلاس ۾ غزه ۾ جنگ بندي جي حوالي سان سعودي جي حمايت جو ورجاءِ ڪيو ويو . سعودي عرب جي ميزباني ۾ گڏيل مشق گلف شيلڊ 2026 ع جي ڪامياب پڄاڻي جي ساراهه ڪئي وئي .سعودي عرب جي ميزباني ۾ ٿيل اعلى سطح جي  ڪيترن اقتصادي اجلاسن جو به جائزو ورتو ويو جنهن ۾ سعودي، جاپاني وزارتي سيڙپڪاري فورٽ ، سعودي ڪينيڊين بزنس اينڊ انويسٽمنٽ فورم نمايان آهن . اجلاس ۾ سعودي عرب ۽ ڪينيڊا وچ ۾ سياسي صلاح مشوري بابت مفاهمتي ياداشتن جي معاهدن جي به منظوري ڏني وئي .  

مزید خبریں