بنڪاڪ-14 جنوري (اي پي پي ) ٿائيلينڊ جي صوبي ناڪون راتچاسيما ۾ مسافر ٽرين ڪريل تعميراتي ڪرين سان ٽڪرائجي پٽڙي تان لهي وئي جي نتيجي ۾ 22 ڄڻا اجل ۽ 55 زخمي ٿي پيا آهن .پرڏيهي ميڊيا موجب اهو حادثو گذريل ڏينهن مقامي وقت موجب صبح جو 9 لڳي 5 منٽن تي ان وقت پيش آيو جڏهن ٿائيلينڊ جي گادي واري هنڌ بنڪاڪ مان اوبون راتچاٿاني ويندڙ مسافر ٽرين ڪرين …
ٿائيلينڊ ۾ مسافر ٽرين پٽڙي تان لهي وئي، 22 مسافر اجل جو شڪار ، 55 زخمي

مزید خبریں
بنڪاڪ-14 جنوري (اي پي پي ) ٿائيلينڊ جي صوبي ناڪون راتچاسيما ۾ مسافر ٽرين ڪريل تعميراتي ڪرين سان ٽڪرائجي پٽڙي تان لهي وئي جي نتيجي ۾ 22 ڄڻا اجل ۽ 55 زخمي ٿي پيا آهن .پرڏيهي ميڊيا موجب اهو حادثو گذريل ڏينهن مقامي وقت موجب صبح جو 9 لڳي 5 منٽن تي ان وقت پيش آيو جڏهن ٿائيلينڊ جي گادي واري هنڌ بنڪاڪ مان اوبون راتچاٿاني ويندڙ مسافر ٽرين ڪرين سان ٽڪرائجڻ سبب پٽڙي تان لهي وئي جنهن کانپوءِ ٽرين ۾ باهه لڳي وئي . حادثي جي اطلاع ملندي ئي امدادي ٽيمون فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهچي ويون ۽ ملبي ۾ ڦاٿل مسافرن کي ٻاهر ڪڍيو ۽ زخمين کي ويجهي اسپتال ۾ منتقل ڪيو. ٿائي لينڊ جي نائب وزيراعظم ۽ ٽرانسپورٽ جي وزير لاڳاپيل ادارن کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته حادثي جو سبب معلوم ڪيو وڃي ۽ مستقبل ۾ اهڙن حادثن کان بچي سگهجي.











