سال 2025ع رڪارڊ تحت دنيا جو ٽيون گرم ترين سال رڪارڊ، سال 2026ع ۾ به گرمي ۾ اضافي جو امڪان آهي: ماهر

 برسلز _14 جنوري (اي پي پي ) يورپي يونين ۽ آمريڪا جي ماهرن چيو آهي ته سال 2025ع دنيا جي رڪارڊ تي ٽيون گرم ترين سال رهيو ، جنهن دوران گرمي ۾ غير معمولي حد تائين اضافو ٿيو، جڏهن ته هاڻي سال 2026ع ۾ به گرمي ۾ اضافي جو امڪان آهي ۽ ڪنهن رليف جي ڪا اميد نظر نه پئي اچي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق يورپي يونين جي ڪوپرنيڪس ڪلائميٽ …

 برسلز _14 جنوري (اي پي پي ) يورپي يونين ۽ آمريڪا جي ماهرن چيو آهي ته سال 2025ع دنيا جي رڪارڊ تي ٽيون گرم ترين سال رهيو ، جنهن دوران گرمي ۾ غير معمولي حد تائين اضافو ٿيو، جڏهن ته هاڻي سال 2026ع ۾ به گرمي ۾ اضافي جو امڪان آهي ۽ ڪنهن رليف جي ڪا اميد نظر نه پئي اچي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق يورپي يونين جي ڪوپرنيڪس ڪلائميٽ چينج سروس ۽ آمريڪي تحقيقي اداري برڪلي ارٿ پنهنجي رپورٽ ۾ چيو ته گذريل 11سال دنيا جا گرم ترين سال رهيا آهن جنهن ۾ سال 2024ع سڀ کان وڌيڪ گرم ۽ سال 2023ع ٻي نمبر تي رهيو. ڪوپرنيڪس جي سالياني رپورٽ مطابق پهريون ڀيرو گذريل ٽن سالن جي سراسري  ۾ عالمي گرمي پد صنعتي دور کان پهريان جي ڀيٽ ۾ 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ کان وڌي ويو . برڪلي ارٿ پنهنجي رپورٽ ۾ چيو ته سال 2023ع کان سال 2025 ع دوران گرمي پد ۾ غير معمولي اضافو ڏٺو ويو جيڪو زمين جي گرمي ۾ اضافي جي نشاندهي ڪري ٿو . 2015 ع جي پيرس معاهدي تحت دنيا گرمي پد کي 2 ڊگري سينٽي گريڊ کان گهٽ رکڻ ۽ 1.5 ڊگري تائين محدود ڪرڻ جي ڪوشش جو عزم ڪيو هو ته جيئن موسمياتي تبديلي جي بدترين اثرن کان بچي سگهجي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل  انتونيو گوتريس آڪٽوبر ۾ خبردار ڪيو هو ته 1.5 ڊگري جي هدف جو حصو اڻٽر آهي ان ڪري جيڪڏهن گرين هائوس گيسن جي اخراج ۾ تيزي سان گهٽتائي ڪئي وڃي ته ان حد کان وڌڻ کي ڪيتري عرصي تائين محدود ڪري سگهجي ٿو. ڪوپر نيڪس مطابق 1.5 ڊگري جي حد هلندڙ ڏهاڪي جي ختم ٿيڻ تائين پهچي سگهي ٿي جيڪا اندازي کان  10 سال پهريان آهي ، جڏهن ته عالمي گرمي پد تي ضابطو آڻڻ جي ڪوششن کي ان  وقت هڪ وڌيڪ ڌچڪو لڳو جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو ته آمريڪا گڏيل قومن جي موسمياتي معاهدي تان هٿ کڻي ڇڏيندو. آمريڪا گدلاڻ پکيڙيندڙ چين کان پوءِ ٻيو وڏو ملڪ آهي. برڪلي ارٿ مطابق اٽڪل 77 ڪروڙ ماڻحو اهڙن علائقن ۾ رهن ٿا جتي ساليانو بنياد تي گرمي پد ۾ واڌ نظر آئي جڏهن ته دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ رڪارڊ ٿڌو سال درج ناهي ٿيو. ڪوپر نيڪس ٻڌايو ته انٽارڪٽيڪا پنهنجو گرم ترين سال رڪارڊ ڪرايو جڏهن ته آرڪٽڪ ۾ ٻيو گرم تريس سال هو.  ڪوپر نيڪس ڊيٽا موجب سينٽرل ايشيا سامونڊي (شيل) وارو خطو ۽ اتر يورپ ۾ به سال 2025ع رڪارڊ تي سڀ کان وڌيڪ گرم سال رهيو. برڪلي ارٿ ۽ ڪوپر نيڪس خبردار ڪيو آهي ته سال 2026ع ۾ به اها رجحان جاري رهندو. برڪلي جو چوڻ آهي ته سال 2026ع به چوٿون گرم تريس سال هجڻ جو امڪان وڌيڪ آهي. اداري چيو آهي ته سال 2020ع بعد سامونڊي جهازن جي ٻارڻ ۾ سلفر جي استعمال ۾ گهٽتائي جي عالمي قاعدن  به امڪاني طور تي گرمي ۾ اضافو ڪيو ڇو ته سلفر ڊاءِ آڪسائيڊ جا ذرا سج جي روشني کي ابتو ڪري زمين کي ٿڌو رکندا هئا.

مزید خبریں