آمريڪي ٽيڪس ۾ اضافي باوجود چين جو قومي واپاري ڳاڻيٽو 64 کرب ڊالرن جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو

بيجنگ _ 14 جنوري (اي پي پي ) چين چيو آهي ته 2025ع دوران صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ٽيڪس ۾ اضافي سبب آمريڪا ڏانهن روانگي واپار ۾ گهٽتائي باوجود قومي واپاري ڳاڻيٽو سالياني بنياد تي 6.1 سيڪڙو اضافي سان 45 ٽريلين يوان (64 کرب ڊالر )جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو . پرڏيهي خابرو اداري موجب چين جي ڪسٽمز جي نائب وزير وانگ جون جي پريس ڪانفرنس جي حوالي …

بيجنگ _ 14 جنوري (اي پي پي ) چين چيو آهي ته 2025ع دوران صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ٽيڪس ۾ اضافي سبب آمريڪا ڏانهن روانگي واپار ۾ گهٽتائي باوجود قومي واپاري ڳاڻيٽو سالياني بنياد تي 6.1 سيڪڙو اضافي سان 45 ٽريلين يوان (64 کرب ڊالر )جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو . پرڏيهي خابرو اداري موجب چين جي ڪسٽمز جي نائب وزير وانگ جون جي پريس ڪانفرنس جي حوالي سان ٻڌايو ته واپار 2025ع دوران پهريون ڀيرو 6.4 ٽريلين آمريڪي ڊالر جي سطح تي پهچي ويو جيڪو 2024ع جي ڀيٽ  ۾6.1 سيڪڙو وڌيڪ آهي ، جيتوڻيڪ صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان چيني مصنوعات تي اضافي ٽيرف سبب آمريڪا ڏانهن روانگي واپار ۾ گهٽتائي به ٿي آهي. هن جو چوڻ هو ته آمريڪي ٽيرف ۽ ٻين مسئلن باوجود عالمي سطح تي چيني مصنوعات جي طلب ۾ 2025ع دوران  اضافو ٿيو . انگن اکرن مطابق ملڪي آمدني واپار ۾ پڻ 2024 ع جي ڀيٽ ۾ 2025ع ۾ 0.5 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو .

مزید خبریں