گڏيل قومون14 جنوري (اي پي پي )گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش اسرائيل کي خبردار ڪيو آهي ته فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي امدادي ايجنسي ( يو اين آر ڊبليو او ) کي نشانو بنائڻ وارن قانونن کي ختم نه ڪيو ويو ۽ قبضي ۾ ڪيل اثاثا ۽ ملڪيتون واپس نه ڪيون ويون ته اسرائيل کي انصاف جي عالمي عدالت ۾ کڻي وينداسين . پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيل …
يو اين آر ڊبليو او بابت قانون ختم نه ڪيا ويا ته اسرائيل کي عالمي عدالت ۾ کڻي وينداسين: گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل

مزید خبریں
گڏيل قومون14 جنوري (اي پي پي )گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش اسرائيل کي خبردار ڪيو آهي ته فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي امدادي ايجنسي ( يو اين آر ڊبليو او ) کي نشانو بنائڻ وارن قانونن کي ختم نه ڪيو ويو ۽ قبضي ۾ ڪيل اثاثا ۽ ملڪيتون واپس نه ڪيون ويون ته اسرائيل کي انصاف جي عالمي عدالت ۾ کڻي وينداسين . پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيل جي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو جي نالي 8جنوري جي هڪ خط ۾ انتونيو گوتريش واضح ڪيو ته گڏيل قومون اسرائيل جي انهن قدم تي خاموش نٿيون رهي سگهن جيڪي عالمي قانون تحت ان جي ذميوارين سان سڌيءَ ريت ٽڪراءُ آهي. هن چيو ته انهن قدمن کي بنا ڪنهن دير جي واپس وٺڻ گهرجي. اسرائيلي پارليامينٽ ( ڪنيسٽ ) آڪٽوبر 2024ع ۾ هڪ قانون منظور ڪيو هيو جنهن تحت يو اين آر او اسرائيل ۾ ڪم ڪرڻ تا پابندي لڳائي هئي ۽ اڳواڻن کي انهن سان رابطي کان روڪيو ويو هيو، ان کانپوءِ گذريل مهيني ان قانون ۾ ترميم ڪئي وئي ته جيئن يو اين آر ڊبليو او جي ٺڪاڻن کي بجلي ۽ پاڻي جي فراهمي بند ڪري سگهجي، ان کانسواءِ اسرائيلي اڳواڻن گذريل مهيني اوڀر بيت المقدس ۾ يو اين آر ڊبليو او جي آفيسن تي به قبضو ڪيو هو. گڏيل قومون اوڀر بيت المقدس کي اسرائيل جي قبضي هيٺ علائقو تسليم ڪن ٿيون، جڏهن ته اسرائيل سموري شهر کي پنهنجو علائقو قرار ڏنو آهي . گڏيل قومن ۾ اسرائيل جي سفير ڊيني ڊينن گذريل ڏينهن نيتن ياهو جي نالي گوتريس جي خط کي رد ڪري ڇڏيو، هن چيو ته اسان سيڪريٽري جنرل جي ڌمڪين سبب پريشان ناهيون، يو اين آر ڊبليو او جي عملي جي دهشتگردي ۾ رد نه ٿيڻ جوڳي ملوث هجڻ واري معامي کي حل ڪرڻ بدران سيڪريٽري جنرل اسرائيل کي ڌمڪيون ڏيڻ جي چونڊ ڪري رهيو آهي. اهو عالمي قانون جو دفاع نه پر دهشتگردي ۾ ملوث هڪ تنظيم جو دفاع آهي.











