پاڪستان پاران روس – يوڪرين جنگ جي خاتمي لاءِ بامعنيٰ ڳالهين تي زور

گڏيل قومون-13 جنوري (اي پي پي) پاڪستان روس ۽ يوڪرين تي زور ڀريو آهي ته هو تڪرار جي حل لاءِ مسلسل، بامعنيٰ ۽ منظم ڳالهين ۾ شامل ٿين. اها ڳالهه گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد گذريل ڏينهن سلامتي ڪائونسل کي خطاب ڪندي چئي.  هن چيو ته عالمي برادري روس يوڪرين جنگ تي گهري ڳڻتي ۾ مبتلا آهي، جنهن جي نتيجي ۾ موت، تباهي، معاشي نقصان ۽ …

گڏيل قومون-13 جنوري (اي پي پي) پاڪستان روس ۽ يوڪرين تي زور ڀريو آهي ته هو تڪرار جي حل لاءِ مسلسل، بامعنيٰ ۽ منظم ڳالهين ۾ شامل ٿين. اها ڳالهه گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد گذريل ڏينهن سلامتي ڪائونسل کي خطاب ڪندي چئي.  هن چيو ته عالمي برادري روس يوڪرين جنگ تي گهري ڳڻتي ۾ مبتلا آهي، جنهن جي نتيجي ۾ موت، تباهي، معاشي نقصان ۽ بي پناهه انساني تڪليفن جو سلسلو جاري آهي. پاڪستاني نمائندي  يوڪرين جي صورتحال تي بحث دوران چيو ته اسان کي ويجهڙائي ۾  ويڙهه ۾ اضافي ۽ ٻنهي پاسن کان حملن جي شدت تي سخت ڳڻتي آهي، جنهن سبب اڳ ئي انتهائي سنگين انساني صورتحال  آهي ۽ اها وڌيڪ خراب ٿي رهي آهي.  هن خبردار ڪيو ته اهڙي طرح جا قدم نه رڳو جنگ کي ڊگهو ڪندا پر اعتماد کي به مجروح ڪن ٿا ۽ امن لاءِ جاري ڪوششن کي به نقصان پهچائين ٿا. هن چيو ته شروع کان ئي پاڪستان جو موقف واضح رهيو آهي ته جٽادار امن لاءِ ڳالهين ئي واحد عمل جوڳو رستو آهن. پاڪستاني نمائندي چيو ته اڄ اڳ کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ عالمي عام راءِ ان تڪرار کي پرامن ذريعن سان ختم ڪرڻ جي حق ۾ آهي. هن چيو ته ماضي ۾ سفارتڪاري ۽ سنجيده رابطن نتيجا ڏنا آهن، جيئن جولاءِ 2022ع ۾ بليڪ سي انيشيئيٽو  جو مثال اسان سامهون آهي. هن سلامتي ڪائونسل جي انهن ٺهرائن جو حوالو ڏنو جيڪي تڪرار جي پرامن حل لاءِ منظور ڪيا ويا. پاڪستاني نمائندي خاص طور تي ڪيترن ملڪن، خاص ڪري آمريڪا جي ڪوششن جي تعريف ڪئي جنهن ان تڪرار جي حل ۾ ڳالهين کي ترجيح ڏني. هن چيو ته اسان اميد ڪيون ٿا ته سموريون ڌريون جاري سفارتي عمل مان ڀرپور فائدو کڻندي حقيقي سياسي  عزم جو مظاهرو ڪنديون ۽ تعميري انداز ۾ ڳالهيون ڪندي فوري جنگ بندي جي شروعات ڪنديون ۽ جيڪي يورپ ۾ به امن ۽ سلامتي جي راهه هموار ڪنديون. هن زور ڏيندي چيو ته لکين ماڻهن کي اذيت مان نجات ڏيارڻ اسان جي اولين ترجيح هئڻ گهرجي. پاڪستاني نمائندي چيو ته پاڪستان ان مسئلي جي پرامن، جامع ۽ ديرپا حل لاءِ ٿيندڙ سمورين ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو.

مزید خبریں