رياض-13 جنوري(اي پي پي) سعودي عرب جي واپار واري وزارت ڪمرشل ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته الله پاڪ جا نالا ۽ اهڙا پاڪ نالا شاپنگ بيگز يا پيڪنگ جي دٻن وغيره تي پرنٽ نه ڪرايا وڃن. پرڏيهي ميڊيا موجب وزارت جي ترجمان پنهنجي ايڪس اڪائونٽ تي چيو آهي ته الله پاڪ جا نالا اهڙين بيگز يا دٻن تي لکڻ سان صارفين انهن بيگز يا پيڪنگ مٽيريل جي حفاظت نٿا …
خريداري وارين ٿيلهين يا پيڪنگ جي مواد تي الله پاڪ جا نالا پرنٽ نه ڪيا وڃن: سعودي عرب جي واپار واري وزارت پاران ڪمرشل ادارن کي هدايت

مزید خبریں
رياض-13 جنوري(اي پي پي) سعودي عرب جي واپار واري وزارت ڪمرشل ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته الله پاڪ جا نالا ۽ اهڙا پاڪ نالا شاپنگ بيگز يا پيڪنگ جي دٻن وغيره تي پرنٽ نه ڪرايا وڃن. پرڏيهي ميڊيا موجب وزارت جي ترجمان پنهنجي ايڪس اڪائونٽ تي چيو آهي ته الله پاڪ جا نالا اهڙين بيگز يا دٻن تي لکڻ سان صارفين انهن بيگز يا پيڪنگ مٽيريل جي حفاظت نٿا ڪري سگهن جنهن سان بي حرمتي جو امڪان هوندو آهي. وزارت موجب سرڪاري ادارن جي نالي مثال طور تي واپار واري وزارت، سيڙپڪاري واري وزارت وغيره به خانگي سطح تي استعمال نٿيون ڪري سگهن. وزارت پاران واپاري نالن جي رجسٽريشن جي ضابطن ۾ ٻڌايو ويو هيو ته سرڪاري پليٽ فارم جن ۾ ابشر، توڪلنا، نسڪ، ويزن2030 وغيره ۾ به استعمال نٿا ڪري سگهجن. سرڪاري ۽ عسڪري عهدا يا انٽرنيشنل ادارن جا مخفف به ڪمرشل ادارن لاءِ استعمال ڪرڻ تي پابندي آهي جڏهن ته شاهي لقب به نجي ادارن ۾ استعمال ڪرڻ منع آهي. واضح رهي ته واپار واري وزارت گذريل مهيني واپاري نالن جي رجسٽريشن جي حوالي سان ضابطه جاري ڪيا هيا جنهن ۾ وضاحت جاري ڪئي وئي هئي ته الله پاڪ جي نالن کي واپاري سرگرمين ۾ استعمال نٿو ڪري سگهجي.











