رياض - 13 جنوري (اي پي پي) سعودي عرب جي شھزادي ھند بنت سعود بن عبدالعزيز لاڏاڻو ڪري وئي. پرڏيھي ميڊيا مطابق سعودي عرب جي شاھي ديوان گذريل ڏينھن اعلان ڪيو آھي ته شھزادي ھند بنت سعود بن عبدالعزيز آل سعود لاڏاڻو ڪري وئي آھي. شاھي ديوان مطابق شھزادي جو لاڏاڻو مملڪت کان ٻاھر ٿيو. جنازي جي نماز اڄ اربع ڏينھن، 14 جنوري عصر جي نماز کانپوءِ رياض جي امام …
سعودي عرب جي شھزادي ھند بنت سعود لاڏاڻو ڪري وئي، جنازي جي نماز اڄ رياض ۾ ادا ڪئي ويندي

مزید خبریں
رياض – 13 جنوري (اي پي پي) سعودي عرب جي شھزادي ھند بنت سعود بن عبدالعزيز لاڏاڻو ڪري وئي. پرڏيھي ميڊيا مطابق سعودي عرب جي شاھي ديوان گذريل ڏينھن اعلان ڪيو آھي ته شھزادي ھند بنت سعود بن عبدالعزيز آل سعود لاڏاڻو ڪري وئي آھي. شاھي ديوان مطابق شھزادي جو لاڏاڻو مملڪت کان ٻاھر ٿيو. جنازي جي نماز اڄ اربع ڏينھن، 14 جنوري عصر جي نماز کانپوءِ رياض جي امام ترڪي بن عبدالله مسجد ۾ ادا ڪئي ويندي. شاھي ديوان شھزادي لاءِ الله تعاليٰ کان مغفرت ۽ وارثن لاءِ صبر جي دعا ڪئي آھي.











