صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي عهدو سنڀالڻ کان پوءِ هڪ لک کان به وڌيڪ ويزا رد ڪيا ويا: آمريڪي پرڏيهي وزارت

واشنگٽن -13 جنوري(اي پي پي)آمريڪي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي عهدو سنڀالڻ کان پوءِ هڪ سال اندر رڪارڊ سطح تي هڪ لک کان به وڌيڪ ويزا رد ڪيا ويا آهن. پرڏيهي وزارت جي ترجمان  چيو ته ٽرمپ انتظاميه لاءِ آمريڪي شهرين جو تحفظ ۽ آمريڪي خودمختياري کي برقرار رکڻ سڀ کان وڏي ترجيح آهي. 20 جنوري 2025 ع ۾ ٽرمپ جي ٻئين حلف برداري کانپوءِ اهو …

واشنگٽن -13 جنوري(اي پي پي)آمريڪي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي عهدو سنڀالڻ کان پوءِ هڪ سال اندر رڪارڊ سطح تي هڪ لک کان به وڌيڪ ويزا رد ڪيا ويا آهن. پرڏيهي وزارت جي ترجمان  چيو ته ٽرمپ انتظاميه لاءِ آمريڪي شهرين جو تحفظ ۽ آمريڪي خودمختياري کي برقرار رکڻ سڀ کان وڏي ترجيح آهي. 20 جنوري 2025 ع ۾ ٽرمپ جي ٻئين حلف برداري کانپوءِ اهو انگ 2024ع جي ڀيٽ ۾ اڍائي ڀيرا وڌيڪ آهي جڏهن جوبائيڊن صدر هيو. پرڏيهي وزارت چيو ته هزارين ويزا ڏوهن جي بنياد تي رد ڪيا ويا جن ۾ حملا  ۽ نشي ۾ گاڏي هلائڻ شامل ٿي سگهن ٿا.  پرڏيهي وزير مارڪو روبيو فخر سان انهن شاگردن جا ويزا رد ڪرڻ کي اجاگر ڪيو جن اسرائيل خلاف احتجاج ڪيو هيو. روبيو مڪارٿي دور جي قانون جو استعمال ڪيو جيڪو آمريڪا کي انهن غير ملڪين جي داخلا تي پابندي هڻڻ جي اجازت ڏئي ٿو جيڪا ک پرڏيهي پاليسي جي خلاف سمجهي ٿي وڃي. ٽرمپ اتظاميه ويزا لاءِ جانچ سخت ڪئي آهي جنهن ۾ سوشل ميڊيا پوسٽس جي اسڪريننگ به شامل آهي. اهي ويزه رد ڪرڻ وڏي پيماني تي ملڪ بدري جي مهم جو حصو آهي جيڪا وفاقي ايجنٽن جي ذريعي جارحاڻي انداز ۾ ڪيون پيون وڃن. گذريل مهيني هوم لينڊ سيڪيورٽي چيو ته ٽرمپ انتطاميه 6 لک کان به وڌيڪ ماڻهن کي ملڪ بدر ڪيو آهي ۽ 25 لک ماڻهو پاڻ ملڪ ڇڏي ويا آهن.

مزید خبریں