بغير اجازت جي ذاتي ڊيٽا جاري ڪرڻ ڏوهه آهي: سعودي پبلڪ پراسيڪيوشن

 رياض-13 جنوري (اي پي پي)سعودي عرب ۾ پبلڪ پراسيڪيوشن ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته قانوني اجازت بنا ذاتي ڊيٽا جاري ڪرڻ ڏوهه آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب پبلڪ پراسيڪيوشن چيو آهي ته پرائيويسي جو تحفظ ان جو بنيادي ٿنڀ آهي جن جي ضمانت ذاتي ڊيٽا جي تحفظ جي نظام ڏني آهي. اهو به واضح ڪيو ويو آهي ته ڊيٽا جي مالڪ کي نقصان پهچائڻ يا ذاتي فائدو حاصل ڪرڻ …

 رياض-13 جنوري (اي پي پي)سعودي عرب ۾ پبلڪ پراسيڪيوشن ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته قانوني اجازت بنا ذاتي ڊيٽا جاري ڪرڻ ڏوهه آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب پبلڪ پراسيڪيوشن چيو آهي ته پرائيويسي جو تحفظ ان جو بنيادي ٿنڀ آهي جن جي ضمانت ذاتي ڊيٽا جي تحفظ جي نظام ڏني آهي. اهو به واضح ڪيو ويو آهي ته ڊيٽا جي مالڪ کي نقصان پهچائڻ يا ذاتي فائدو حاصل ڪرڻ جي نيت سان حساس ڊيٽا ظاهر ڪرڻ سنگين خلاف ورزين ۾ شامل ٿئي ٿو ڇو ته ان ۾ پرائيويسي ۽ ماڻهن جي حقن جي سڌيءَ ريت خلاف ورزي آهي. پبلڪ پراسيڪيوشن چيو ته ان قسم جا ڏوهه فوجداري جوابدهي جي زمري ۾ اچن ٿا. پراسيڪيوشن چيو ته ڊيٽا جي غلط استعمال ۾ ملوث هجڻ ثابت ٿيڻ تي هر شخص خلاف سزا لاڳو ٿيندي جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي نرمي نه ڪئي ويندي.

مزید خبریں