آمريڪي قبضي جي ڪوشش ڪنهن به صورت ۾ قبول نٿا ڪيون: گرين لينڊ

نوڪ -13 جنوري (اي پي پي)گرين لينڊ جي حڪومت اعلان ڪيو آهي ته آمريڪي قبضي جي ڪوشش کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نٿا ڪيون. نيٽو جي فريم ورڪ اندر انهن علائقن جي دفاع کي يقيني بڻائڻ لاءِ پنهنجي ڪوشش تيز ڪري ڇڏيندو. پرڏيهي ميڊيا موجب حڪومت بيان چيو آهي ته آمريڪا گرين لينڊ کي حاصل ڪرڻ جي پنهنجي ڪوشش کي ورجايو آهي.گرين لينڊ جو حڪومتي اتحاد ان کي ڪنهن به …

نوڪ -13 جنوري (اي پي پي)گرين لينڊ جي حڪومت اعلان ڪيو آهي ته آمريڪي قبضي جي ڪوشش کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نٿا ڪيون. نيٽو جي فريم ورڪ اندر انهن علائقن جي دفاع کي يقيني بڻائڻ لاءِ پنهنجي ڪوشش تيز ڪري ڇڏيندو. پرڏيهي ميڊيا موجب حڪومت بيان چيو آهي ته آمريڪا گرين لينڊ کي حاصل ڪرڻ جي پنهنجي ڪوشش کي ورجايو آهي.گرين لينڊ جو حڪومتي اتحاد ان کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نٿو ڪري سگهجي. حڪومت اهو به چيو ته نيٽو جي 6 ميمبر ملڪن پاران گرين لينڊ جي حوالي سان انتهائي مثبت موقف کي نظر ۾ رکندي حڪومت پنهنجون ڪوششون تيز ڪندي گرين لينڊ جو دفاع نيٽو جي فريم ورڪ ۾ شامل ٿي وڃي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آچر ڏينهن ٻيهر ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته سندس ملڪ ڊينمارڪ جي انتظام هيٺ علائقي گرين لينڊ کي حاصل ڪرڻ جي خواهش رکي ٿو. هن صدارتي جهاز ايئر فورس ون تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن اسان گرين لينڊ تي قبضو ڪيو ته روس يا چين ان تي قبضو ڪري وٺندو ۽ مان ائين ڪرڻ نه ڏيندس. آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو گذريل هفتي ڪانگريس سامهون واضح ڪيو هيو ته ٽرمپ ڊينمارڪ جي ان علائقي کي خريد ڪرڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو.

مزید خبریں