ڪابل - 13 جنوري (اي پي پي) افغانستان جي طالبان حڪومت ڀارت لاءِ پنھنجو پھريون باقائده نمائندو مقرر ڪري ڇڏيو آھي، جيڪو نئين دھلي جي سفارتخاني ۾ خدمتون انجام ڏيندو. پرڏيھي ميڊيا مطابق افغان سفارتخاني جو چوڻ آھي ته نمائندو نور احمد نور پرڏيھي وزارت سان لاڳاپيل آھي، ھو اڳ به ڪيترين ئي ڀارتي اختيارين سان ملاقاتون ڪري چڪو آھي. سفارتخاني ايڪس تي پوسٽ ۾ لکيو ته ٻنھي پاسن کان …
افغانستان پاران ڀارت لاءِ پنھنجو پھرين باقائده نمائندو مقرر

مزید خبریں
ڪابل – 13 جنوري (اي پي پي) افغانستان جي طالبان حڪومت ڀارت لاءِ پنھنجو پھريون باقائده نمائندو مقرر ڪري ڇڏيو آھي، جيڪو نئين دھلي جي سفارتخاني ۾ خدمتون انجام ڏيندو. پرڏيھي ميڊيا مطابق افغان سفارتخاني جو چوڻ آھي ته نمائندو نور احمد نور پرڏيھي وزارت سان لاڳاپيل آھي، ھو اڳ به ڪيترين ئي ڀارتي اختيارين سان ملاقاتون ڪري چڪو آھي. سفارتخاني ايڪس تي پوسٽ ۾ لکيو ته ٻنھي پاسن کان افغانستان ۽ ڀارت وچ ۾ لاڳاپن ۾ بھتري جي اھميت تي زور ڀريو آھي. ٻي پاسي ڀارت طرفان ھن وقت تائين ان حوالي سان ڪا ڳالھه سامھون ناھي آئي، جڏھن ته افغان سفارتخاني نور احمد نور جي ھڪ اھڙي تصوير به پوسٽ ڪئي آھي، جنھن ۾ ھو ڀارت جي پرڏيھي وزارت جي سينئر عھديدار آنند پرڪاش سان خوشي سان ھٿ ملائي رھيو آھي. ياد رھي ته آڪٽوبر ۾ ڀارت چيو ھو ته ھو افغانستان ۾ پنھنجي مشن کي اپ گريڊ ڪندو ۽ ان کي مڪمل سفارتخاني جو درجو ڏنو ويندو. جڏھن ته روس دنيا جو واحد ملڪ آھي، جنھن سرڪاري طور طالبان جي حڪومت کي تسليم ڪيو آھي.











