رياض _ 13 جنوري (اي پي پي)سعودي عرب ۾ رياض جي رائل ڪميشن رياض ميٽرو جي ريڊلائن جي ڊيزائن، تعمير ۽ تڪميل جي منصوبي جي توسيع جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق واڌ واري منصوبي تحت موجوده ٽريڪ ۾ 8.4 ڪلوميٽرن جو اضافو ڪيو ويندو. اها واڌ ڪنگ سعود يونيورسٽي کان الدرعيه ڊولپمينٽ گيٽ پروجيڪٽ تائين ڪئي ويندي ۽ ان ۾ پنج نيون اسٽيشنون شامل هونديون. ريڊ لائن جي …
سعودي عرب ۾ رياض ميٽرو ريڊلائن جي توسيع، پنجن نئين اسٽيشنن جو اعلان

مزید خبریں
رياض _ 13 جنوري (اي پي پي)سعودي عرب ۾ رياض جي رائل ڪميشن رياض ميٽرو جي ريڊلائن جي ڊيزائن، تعمير ۽ تڪميل جي منصوبي جي توسيع جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق واڌ واري منصوبي تحت موجوده ٽريڪ ۾ 8.4 ڪلوميٽرن جو اضافو ڪيو ويندو. اها واڌ ڪنگ سعود يونيورسٽي کان الدرعيه ڊولپمينٽ گيٽ پروجيڪٽ تائين ڪئي ويندي ۽ ان ۾ پنج نيون اسٽيشنون شامل هونديون. ريڊ لائن جي واڌ گادي واري شهر جي پبلڪ ٽرانسپورٽ نيٽ ورڪ کي مڪمل ڪرڻ، اهم علائقن، رهائشي ڪميونٽيز ، تعليمي، ٽقافتي ۽ صحت مرڪزن وچ ۾ رابطو وڌائڻ جي ڪوشش جو حصو آهي ته جيئن شهري آبادي کي ٽرانسپورٽيشن جي حوالي سان سهولت فراهم ڪري سگهجي.











