رياض _ 13 جنوري (اي پي پي)سعودي عرب جي نائب پرڏيهي وزير انجنيئر وليد بن عبدالڪريم الخريجي سان رياض ۾ وزارت جي هيڊ ڪوارٽر ۾ اقتصادي ترقي،توانائي ۽ ماحوليات بابت آمريڪي انڊر سيڪريٽري جيڪب هيلبرگ ملاقات ڪئي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ملاقات ۾ سعودي عرب ۽ آمريڪا وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن جو جائزو، سمورن شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي . علائقائي …
سعودي عرب جي نائب پرڏيهي وزير سان آمريڪي انڊر سيڪريٽري جي ملاقات، سمورن شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ

مزید خبریں
رياض _ 13 جنوري (اي پي پي)سعودي عرب جي نائب پرڏيهي وزير انجنيئر وليد بن عبدالڪريم الخريجي سان رياض ۾ وزارت جي هيڊ ڪوارٽر ۾ اقتصادي ترقي،توانائي ۽ ماحوليات بابت آمريڪي انڊر سيڪريٽري جيڪب هيلبرگ ملاقات ڪئي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ملاقات ۾ سعودي عرب ۽ آمريڪا وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن جو جائزو، سمورن شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي . علائقائي ۽ عالمي صورتحال ، ان حوالي سان ڪيل ڪوششن تي به ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي پرڏيهي وزارت جا عهديدار ۽ مملڪت ۾ آمريڪي معاملن جو ناظم ايلسن دلورٿ به موجود هئي. ان کان علاوه سعودي عرب جي نائب پرڏيهي وزير انجنيئر وليد الخريجي سان رياض ۾ اوڀر رومي سمنڊ لاءِ صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) جي ريجنل ڊائريڪٽر حنان بلخي سان ملاقات ڪئي. سعودي عرب ۽ عالمي صحت واري اداري وچ ۾ ٻن طرفن لاڳاپن جو جائزو ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.











