آمريڪا پاران ايران سان ڪاروباري لاڳاپا رکندڙ ملڪن تي 25 سيڪڙو واڌو ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو اعلان

واشنگٽن _13 جنوري(اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران سان ڪاروباري لاڳاپا رکندڙ ملڪن تي 25 سيڪڙو واڌو ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق اهو اعلان هن پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي هڪ بيان ذريعي ڪيو. صدر ڊونلڊ ٽرمپ مطابق جيڪو به ملڪ اسلامي جهموريه ايران سان ڪنهن به نوعيت جو ڪاروبار ڪندو. ان تي آمريڪا سان ڪندڙ هر قسم جي …

واشنگٽن _13 جنوري(اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران سان ڪاروباري لاڳاپا رکندڙ ملڪن تي 25 سيڪڙو واڌو ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق اهو اعلان هن پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي هڪ بيان ذريعي ڪيو. صدر ڊونلڊ ٽرمپ مطابق جيڪو به ملڪ اسلامي جهموريه ايران سان ڪنهن به نوعيت جو ڪاروبار ڪندو. ان تي آمريڪا سان ڪندڙ هر قسم جي واپاري سرگرمين تي 25 سيڪڙو واڌو ٽيڪس لاڳو ٿيندي. هن واضع ڪيو ته اهو فيصلو حتمي ۽ نه واپسي جوڳو آهي. آمريڪي صدر جو چوڻ هو ته اها پاليسي فوري طور تي لاڳو ٿي چڪي آهي ۽ ان ۾ ڪنهن به قسم جي نرمي نه ڪئي ويندي. ان اعلان کي عالمي واپاري ۽ سفارتي حلقن ۾ هڪ سختي ۽ غير معمولي قدم قرار ڏنو پيو وڃي. ماهرن مطابق ان فيصلي سان نه رڳو ايران سان ڪاروبار ڪندڙ ملڪ متاثر ٿيندا پر عالمي واپار تي به اثر پئجي سگهي ٿو.

مزید خبریں